ڊاڪٽر مرلي ڌر کي سالگرهه مبارڪ

سوشل ميڊيا ڪارنر

ڊاڪٽر مرلي ڌر، ايم بي بي ايس جو امتحان پاس ڪري مسيحائي واري پيشيوراڻي ڪم سان سلهاڙجي ويو، ڊاڪٽر صاحب جيڪو مريضن جي علاج ۽ انسانيت جي خدمت جو حلف کنيو، اڄ ڏينهن تائين پوري سچائي ۽ ايمانداريءَ سان ان کي نڀائيندو پيو اچي. هن، ڌنڌوڙي ڊاڪٽرن جيان پئسو ڪمائڻ کي ترجيح نه ڏني پر غريب ۽ بي پهچ مريضن جي علاج لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽر اديب رضوي جي قائم ڪيل اداري سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي ۽ ٽرانسپلانٽيشن پاڪستان (SIUT) ڪراچي ۾ پروفيسر آهي، جتي پنهنجون خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو آهي.

ڊاڪٽر مرلي ڌر پنهنجي طبي خدمتن سان گڏ ادب جي خدمت پڻ ڪري رهيو آهي، پاڻ بهترين شاعر ۽ نثر نويس آهي، سندس شاعري جا ٻه ڪتاب 1_اکيون ڏيلا مَنُ گهايل (شاعري) 2_ڪِرِچيون ڪِرِچيون اڌما(شاعري) شايع ٿيل اٿس، اهڙي طرح هو پنهنجي ٻوليءَ جي به خدمت ڪري ٿو، ان سان گڏوگڏ بيمارين کان بچاءَ لاءِ سندس مضمون، ڪالم مختلف اخبارن ۽ ميگزينن۾ شايع ٿيندا رهندا آهن، جنهن ذريعي عوام کي شعور/آگاهي ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي، ته هو ڪهڙي طرح ننڍي ننڍي بيمارين کان پنهنجو بچاءِ ڪن. سندس بيمارين کان آگاهي ۽ بچاءَ لاءِ ڪتاب، 1_صحت سڀني لاءِ (ڀاڱو پهريون)، 2_ٽين دنيا جا سورَ، 3_صحت سڀني لاءِ (ڀاڱو ٻيو) پڻ شايع ٿيل آهن، هي ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي، جنهن جي پهرين حصي ۾ مضمون ۽ ٻئي حصي ۾ اداريا شامل آهن. ڪتاب "صحت سڀني لاءِ” جو مهاڳ نامور صحافي ڊاڪٽر جبار خٽڪ لکيو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر سڪندر مغل جا ٻه اکر پڻ شامل آهن. ڪتاب ۾ صحت بابت 23 مضمون ۽ 48 اداريا شامل آهن. ڪتاب جو بئڪ ٽائيٽل نامور اديبا پشپا ولڀ لکيو آهي. ڊاڪٽر صاحب ڪتاب جي ارپنا پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي ڪئي آهي. سندس ڪتاب صحت جي مختلف نقصانن ۽ فائدن بابت ڏنل ڄاڻ بابت آهن، ڪتابن مان معاشري جو هر هڪ فرد فائدو حاصل ڪري بيمارين کان بچي سگهي ٿو.

20 نومبر ڊاڪٽر مرلي ڌر جو جنم ڏينهن آهي، کيس جنم ڏينهن جون لک لک واڌايون، شال سدائين جڙيو هجي.

حسن پٺاڻ جي پوسٽ

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.