جسم چيئرمين رياض چانڊيو  ۽ نواز شاهه ڀاڏائي گرفتار، ويريفڪيشن بعد آزاد

حيدرآباد  (رپورٽ-حسيب لطيفي) رينجرز جسم چيرمين رياض چانڊيو کي آزاد ڪري ڇڏيو.

جسم چيرمين رياض چانڊيو جي گاڏي مان ھٿ آيل ھٿيارن جي ويريفڪيشن بعد رينجرز اختيارين رياض چانڊيو کي آزاد ڪري ڇڏيو.

 ان موقعي تي چيرمين رياض چانڊيو ڳالھائيندي چيو ته سنڌ جي حقن بابت آواز اٿارڻ تي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

ھن چيو ته ھن جي گاڏي مان ھٿ آيل اسلحو رجسٽرڊ ھو تنھن ھوندي به ھنن کي ٻن ڪلاڪن تائين يرغمال بڻئي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي سنڌ جي حقن بابت اسان جي جدوجهد جاري رھندي.

واضح رهي ته  حيدرآباد ۾ ريجرز جسم چيئرمين رياض چانڊيو ۽ وائيس چئيرمين نواز شاھ ڀاڏائي کي گرفتار ڪيو هو.

جسم ترجمان پنھل جمالي چيو هو ته جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو ۽ وائس چيئرمين نواب شاهه ڀاڏائي کي ريجرز حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد مان گرفتار ڪري ريجنرز ھيڊ ڪواٽر منتقل ڪري ڇڏيو آهي.ٻئي اڳواڻ ڪار ۾ سوار هئا  تلاشي دوران  هٿيار جو لائسنس نه هجڻ ڪري کين گرفتار ڪيو ويو آهي  جڏهن ته سڀني هٿيارن جا لائيسنس موجود آهن.

ٻي پاسي اڳواڻن جي گرفتاري خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو پڻ سڏ ڏنو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.