”خاص ادارن“ سان گڏ ”عام ماڻهن“ سان ٿيل هڪ زيادتي!

نعيم سنڌو

خميس واري ڏهاڙي جو سج ٻن ڏکايل خاندانن لاءِ سندن ڏکن ۾ وڌيڪ واڌارو ڪندڙ خبر کڻي آيو، جڏهن صبح وارو پهر اڃا ٻن پهرن واري وقت تائين به نه پهچي سگهيو هيو ته ان وقت مختلف ٽي وي چئنلن تي بريڪنگ بمپرن سان هڪ نيوز هلڻ شروع ٿي وئي، ان نيوز موجب سِي ٽِي ڊي ڪراچي جي ”ڊِي آءِ جِي“ طرفان هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ 4 ملزمن کي ميڊيا آڏو پيش ڪري ٻڌايو ويو ته اهي چارئي ملزم ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رينجرز مٿان ٿيل سيريئل حملن ۾ ملوث آهن، انهن ملزمن منجهان هڪ ڄڻو ڪراچي جي علائقي ڀٽائي آباد سان تعلق رکندڙ ننڍڙيءَ وهيءَ وارو ڇوڪرو بشير شر ۽ ٻيو سچل ڳوٺ ڀرسان ايوب ڳوٺ جو رهواسي سهيل ميراڻي هيو، اهڙي خبر جتي سڄي سنڌ کي حيران ڪيو، اتي هنن ٻنهي خاندانن مٿاڻ ڄڻ ته وڄ ڪري پئي هجي! ۽ سندن سامهون ايندڙ بيانن مان صاف ظاهر هيو ته اهڙي خبر سندن لاءِ ڪيتري ڏکوئيندڙ هئي!.

هونئن ته ان پريس ڪانفرنس ۾ ٻيون به کوڙ ساريون اوڻائيون ملي وينديون پر پاڻ صرف ٻن اُوڻائين تي ئي نظر ڦيرائينداسين ته مٿي ذڪر ڪيل ٻن خاندانن ۽ سنڌ جي حيرانيءَ تي حيرت نه ٿيندي.

اهي چند اُوڻايون هي آهن. پوليس عملدارن پاران ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ پهرين نمبر تي هيءَ اُوڻائي آهي ته” ملزمن کي ميرپور خاص ۾ هڪ ڪارروائي ڪري گرفتار ڪيو ويو!!!.

هاڻي ان پوائنٽ جو جائزو ورتو وڃي ته بشير شر کي سندس گرفتاري ڄاڻائڻ واري ڏينهن مطلب 19 نومبر کان 3 مهينا ۽ 3 ڏينهن اڳ 16 آگسٽ 2020 تي ڀٽائي آباد مان سندس ڀاءُ غلام رسول شر سميت جبري طور کنڀيو ويو هيو، جنهن واقعي جا اکين ڏٺا شاهد اتان جا ڪيترا ئي رهواسي آهن، جڏهن ته ٻنهي ڀائرن جا وارث حد جي ٿاڻي ۽ عدالت تائين پڻ شروع ۾ ئي  پهچي چڪا هئا، ٻئي طرف سهيل عرف سارنگ ميراڻي کي 4 سيپٽمبر تي ڪراچي جي ايوب ڳوٺ مان گرفتار ڪيو ويو، جنهن جي گرفتاري وري 2 مهينن ۽ 15 ڏينهن کان بعد بشير شر سان گڏ ميرپور خاص مان ظاهر ڪئي وئي آهي!!!، انهن عملدارن جي اهڙي دعويٰ کي رد ڪرڻ لاءِ سهيل ميراڻيءَ جي گرفتاري وقت وائرل ٿيل سِي سِي ٽي وي فوٽيج ئي ڪافي آهي.

هاڻي گرفتار ڄاڻايل ٻن ٻين مطلب انيس احمد، خاوند بخش عرف سليم سنڌيءَ طرفان يا انهن جي وارثن طرفان ته ڪنهن به قسم جا ڪي به تفصيل سامهون اچي نه سگهيا آهن، پر سهيل ميراڻيءَ ۽ بشير شر جي وارثن جا بيان، سندن احتجاج ۽ پوليس، عدالتن توڙي ٻين سگهارن ادارن جا در کڙڪائڻ واريون ڪوششون ثابت پيون ڪن ته مامرو ايئن نه آهي، جيئن پريس ڪانفرنس ۾ بيان ڪيو ويو آهي.

جيئن مٿي بيان ڪري آياسين ته سهيل ميراڻيءَ کي 4 سيپٽمبر تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سندس ڪراچي واري گهر مان کنيو هيو ۽ اهڙي واقعي جي سي سي ٽي وي نه صرف سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي، پر ان سان گڏ سندس وارثن اها فوٽيج پوليس ۽ عدالت حوالي پڻ ڪئي هئي، هاڻي ٻن مهينن ۽ 15 ڏينهن کان بعد سهيل ميراڻي جڏهن ته ٽن مهينن ۽ ٽن ڏينهن کان بعد بشير شر جي گرفتاري ظاهر ڪرڻ واري عمل کي ڇا بدنيتي تي ٻڌل عمل نه ٿو چئي سگهجي؟

پريس ڪانفرنس ۾ ٻيو نمبر اُوڻائي ته عملدارن موجب ڪارروائي ۾ ”حساس ادارن“ جي مدد به شامل رهي!، ٿورڙو ان جو جائزو وٺجي ته لاڳاپيل عملدارن ڪنهن خاص اداري جو نالو نه ورتو آهي پر يقيني طور تي اهو ڪو اهڙو ادارو هوندو جيڪو قومي سلامتي لاءِ خاص خدمتون انجام ڏيندڙ ادارو ئي هوندو ۽ جنهن جي مدد جي ضرورت سِي ٽِي ڊِي جهڙي اداري کي پئي!

هاڻي جيڪڏهن ان ڳالهه تي يقين ڪجي ته ڇا قومي سلامتيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ ڪو ”حساس ادارو“ اهڙيون غلطيون ڪري سگهي ٿو؟ جيڪي غلطيون مٿي بيان ٿيل آهن ته مختلف ماڻهن جون گرفتاريون مختلف هنڌن تان ٿيون هجن ۽ گرفتاري وري ڪنهن هڪ هنڌ تان ظاهر ڪئي وڃي؟ اهڙي قسم جو ڪيس جڏهن ملزم واري ڌر طرفان مختلف ثبوتن جي آڌار تي عدالتن اڳيان رکيو ويندو ته ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته ڪا به عدالت پهرين ئي مرحلي ۾ ڪيس کي ڪوڙو سمجهي خارج ڪري ڇڏيندي!

هاڻي اچجي ٽيون نمبر اُوڻائيءَ طرف، جنهن وقت مختلف چئنلن تي بريڪنگ بمپرن سان گڏ پريس ڪانفرنس هلي رهي هئي، ان وقت هر چئنل گوءِ کڻڻ جي چڪر ۾ پنهنجي طرفان به ڪي من گهڙت شيون ڏئي رهيو هو، جيئن هڪ اردو چئنل هڪ بريڪنگ بمبر ٻه ٽي ڀيرا هلايو، جنهن ۾ ذڪر ڪيل دهشتگرد تنظيم جو سربراهه ڄاڻايل هئو، ان بابت ڌماڪن وارن ڏينهن ۾ ٻڌڻ ۾ آيو هو ته هُو ڏوڪري جو رهواسي ۽ پڪي عمر جو آهي ۽ انهن ڏينهن ۾ سندس گهر تي چڙهائي ڪري هن جي ڪجهه مائٽن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو هئو، جن کي بعد ۾ ”ضروري پڇا ڳاڇا“ کان پوءِ آزاد ڪيو ويو هئو، پر ذڪر ڪيل اردو چئنل جيڪي بريڪنگ بمپر هلايا، انهن ته هڻي هنڌ ڪيو ۽ هڪ نوجوان جو نالو ڏئي ڪري سندس عرفيت ان پڪي عمر واري همراهه واري ظاهر ڪري واڄٽ ئي وڄائي ڇڏيا.

پريس ڪانفرنس واري نيوز سان اهڙو حشر نشر ڏسي ڪري هڪ فرضي ڪردار جمعدار جاڙو خان ياد اچي ويو، جنهن لاءِ مشهور آهي ته جنهن وقت به سندس علائقي ۾ ڪو ڏوهه ٿيندو هئو ته ”مٿئين“ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ جمعدار جاڙو خان راهه ويندڙن کي به گرفتار ڪري ڪيس مڙهي ڇڏيندو هئو!.

هاڻي سمجهه ۾ اها ڳالهه نه پئي اچي ته جمعدار جاڙي خان وارو ڪردار اسين ان اردو چئنل وارن کي سمجهون يا پريس ڪانفرنس وارن کي؟، جن اهڙن ماڻهن کي ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جن جي بي گناهيءَ جي ساک کڻڻ لاءِ بي شمار ماڻهو اڳيان اچي ويندا.ٿيڻ ته ايئن گهربو هيو ته جيڪڏهن بشير شر ۽ سهيل ميراڻي واقعي ڪن ڏوهن ۾ ملوث هيا ته سندن وارثن، حد جي پوليس ۽ مئجسٽريٽ کي اعتماد ۾ وٺي گرفتاريءَ وارو عمل پورو ڪيو وڃي ها، پر انهيءَ جي ابتڙ عمل ڪري سموري واقعي کي سڀني جي نظر ۾ مشڪوڪ بڻائي ڪري ”ڪجهه ادارن“ جي ساک کي داءَ تي لڳايو ويو آهي، جيڪو عمل جنهن به ڪيو آهي، اهو عمل انهن ادارن سان زيادتي برابر آهي.

جيئن هڪ مشهور چوڻي آهي ته ”انصاف ۾ دير مطلب انصاف کي قتل ڪرڻ برابر آهي“، ايئن ئي ڪنهن الزام هيٺ آيل ماڻهوءَ کي وڏي عرصي تائين گم ڪري پوءِ اوچتو ئي هڪ جڙتو ڪهاڻي جوڙي کين ميڊيا يا عدالتن آڏو پيش ڪري چوڻ ته هي فلاڻو يا فلاڻا ماڻهو، فلاڻي يا فلاڻن ڏوهن ۾ ملوث رهيا آهن ته اهڙي عمل کي ڪو به ذي شعور انسان رد ڪرڻ ۾ ذري برابر دير نه ڪندو، خاص طور تي اهڙي وقت جڏهن ان ماڻهو يا انهن ماڻهن جي آزاديءَ لاءِ نه صرف مسلسل ٽن مهينن کان پريس ڪلبن تي احتجاجي سلسلو جاري رهيو هجي، اخبارن ۾ به اهي احتجاج شايع ٿيل هجن پر ان سان گڏ سندن وارثن پوليس ۽ عدالتن سميت سمورا ”با اثر ۽ لاڳاپيل“ در پڻ کڙڪايا هجن.

سو چوڻ جو مقصد اهو آهي ته ڪنهن به ملزم کي گرفتار ڪرڻ وقت ئي کيس فوري طور عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، ان کي وڏي عرصي تائين گم رکي پوءِ اوچتو ڪنهن ”جڙتو مقابلي“ ۾ ظاهر ڪرڻ سان ”خاص ادارن“ جي ساک عام ماڻهو اڳيان متاثر ٿئي ٿي، ڇو جو عام ماڻهو ان شخص جي گمشدگي کان واقف هوندو آهن ۽ ان گمشدگي خلاف ٿيندڙ احتجاج ۽ احتجاجن کي ڇپيندڙ اخبارون ان جي اڳيان هونديون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.