پ پ جو وفادار اڳواڻ: مخدوم امين فهيم

نديم مڱريو

ڪي ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا جيڪي پنهنجي علم، فن، ادب ۽ ڏاهپ جي ڪري پنهنجو نالو افق ۾ چمڪندڙ ستاري وانگر چمڪائي وڃن ٿا انهن املهه ماڻڪ موتين جهڙين شخصيتن مان مخدوم محمد امين فهيم به هڪ هئو.

مخدوم محمد امين فهيم) سنڌي ٻوليءَ جي قادرالڪلام شاعر مخدوم محمد زمان طالب المولى جو وڏو فرزند ۽ غوث الحق مخدوم سرور نوح جي درگاهه جو سترهون سجاده نشين ۽ ناميارو شاعر، اديب، دانشور ۽ سياستدان هو جنهن سنڌ جي تاريخي شهر هالا ۾ 4 آگسٽ 1939ع تي جنم ورتو. سندس نالو ”محمد امين“ رکيو ويو، جڏهن ته مخدوم محمد امين ثالث ”پکن ڌڻيءَ“ جي نسبت سان کيس ”ڏاڏا سائين“ به چوندا هُئا، مخدوم محمد امين فهيم 1977ع کان 2015ع تائين پارليامينٽ جو حصو رهيو، 7 ڀيرا قومي اسيمبلي جو ميمبر ۽ هڪ ڀيرو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهيو، ٻه ڀيرا وفاقي وزير به رهيو.

مخدوم امين فهيم کاٻِي ڌُر جي مشهور شخصيت ۽ شاعر هو. هُو پاڪستان پيپلز پارٽي جو سينيئر وائس چيئرمين،  ”الائنس فار ريسٽوريشن آف ڊيموڪريسي“ (Alliance for Restoration of Democracy) جو اڳوڻو چيئرمين ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽيرين جو چيئرمين پڻ هو. هُن سنڌيونيورسٽي مان 1961ع ۾ پوليٽيڪل سائنس ۾ بيچلر آف سائنس جِي ڊگري حاصل ڪئي، هُن پنهنجي سياسي سفر جي شروعات 1970 کان ڪئي ۽ 1970 جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ پڻ 1990 ڌاري بينظير ڀٽو سان تمام ويجھو رهيو. سندس ٻيو فرزند مخدوم شڪيل الزمان سينيئر سول بيورو ڪريٽ آهي، ٽيون فرزند مخدوم عقيل الزمان، چوٿون فرزند مخدوم نجيب الزمان لنڊن مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري هينئر ٻاهرئين ملڪ ۾ ڪاروبار واري شعبي سان سلهاڙيل آهي ۽ سندس پنجون فرزند مخدوم خليل الزمان ۽ ڇهون فرزند ابو محمد سنڌ يار آهي، جڏهن ته مخدوم امين فهيم جي اڪيلي نياڻي برمنگهم يونيورسٽي مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري چڪي آهي.

جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي پ پ جو بنياد وڌو ان بعد لنڊن ۾ سندس ملاقات مخدوم امين فهيم سان ٿي ۽ ڀٽي کين پ پ جي عوامي مفادن واري وسيع نظر پروگرام کان آگاهه ڪيو ۽ کين گذارش ڪئي ته پاڻ پنهنجي والد مخدوم طالب الموليٰ کي منهنجي پاران گذارش ڪريو ته پاڻ عوام جي مفاد خاطر پ پ ۾ شامل ٿين. مخدوم محمد امين فهيم ذوالفقار علي ڀٽو جي ڳالهين کان متاثر ٿي ذوالفقار علي ڀٽو جو پيغام والد صاحب تائين پهچايو ۽ پاڻ خود کين گذارش ڪئي ته پ پ ۾ شامل ٿيو. ان بعد پاڻ ڀٽو صاحب ۽ مخدوم طالب الموليٰ جي هڪ ملاقات ڪرائي ۽ مخدوم صاحب لکين مريدن سان گڏ پ پ ۾ شامل ٿيو. ان بعد پ پ جو پهريون مرڪزي ڪنوينشن هالا ۾ ٿيو. مخدوم خاندان ۽ سروري جماعت جي پ پ ۾ شموليت ڪري پ پ وڌيڪ مضبوط ٿي. مخدوم امين فهيم پ پ جي باني ميمبرن ۾ شامل آهي ۽ پ پ جي شروعاتي دور ۾ مخدوم امين فهيم پارٽي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي. مخدوم امين فهيم ۽ سندس خاندان وارا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو سان وفادار رهيا، ڏکين دورن ۾ جڏهن پ پ جا چڱا ڀلا اڳواڻ خاموش رهيا انهن دورن ۾ مخدوم امين فهيم ۽ سندس خاندان وارا نه صرف ڀٽو خاندان سان وفادار رهيا پر پ پ ۾ ثابت قدم رهيا ۽ پارٽي لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون.

مخدوم امين فهيم سياسي زندگي جو آغاز هالا ٽائون ڪميٽي جي چيئرمين شپ مان ڪيو. 1970ع ۾ عام چونڊن ۾ بنا مقابلي قومي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو. 1988ع واري چونڊ ۾ اڪثريت سان ايم اين اي چونڊيو ۽ کيس مواصلات جهڙي اهم کاتي جو وفاقي وزير بڻايو ويو. پاڻ هر عام چونڊ ۾ ايم اين اي چونڊبو رهيو آهي. 1993ع ۾ وفاقي وزير هائوسنگ تعميرات ۽ 2009ع جي پ پ حڪومت ۾ واپار جو وفاقي وزيرٿيو. پاڻ وفاقي وزير رهڻ دوران نه صرف مٽياري ۾ پر سڄي ملڪ ۾ خاص طور سنڌ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا. هزارين نوجوانن کي نوڪريون ڏنيون. نواز شريف ۽ پرويز مشرف دور ۾ پ پ سان تعلق رکندڙ وزيرن خلاف وڏي پئماني تي انتقامي ڪارروايون ٿيون. حڪمرانن مخدوم امين فهيم خلاف به ڪرپشن، سرڪاري فنڊن جي ناجائز استعمال جا ثبوت هٿ ڪرڻ لاءِ سندس کاتي جا فائيل اٿلايا پر هنن کي مخدوم امين فهيم خلاف ڪي به ثبوت هٿ نه آيا. موجوده دور ۾ مخدوم امين فهيم خلاف جيڪي ڪرپشن جا ڪيس داخل ٿيا آهن، اهي ثابت نه ٿي سگهيا آهن. مخدوم خاندان ۽ سروري جماعت ان کي مخدوم امين فهيم خلاف سازش قرار ڏين ٿا.

شهيد راڻي جڏهن جلاوطني ختم ڪري واپس ملڪ موٽي ته مخدوم امين فهيم ان ڏينهن کان هر جلسي، هر دوري، هر پروگرام ۾ ساڻس گڏ رهيو. شهادت واري ڏينهن به ساڻن گڏ هو. ڪراچي ۾ ڪارساز واقعي ۾ مخدوم امين فهيم کي مٿي ۽ پٺن ۾ ڌماڪي واري مادي جا ٽڪرا لڳا. شهيد راڻي جي شهادت بعد پ پ لاءِ ڪيترائي خطرا پيدا ٿي ويا. اليڪشن مهم ۾ شهيد راڻي بعد ۾ مخدوم امين فهيم کانسواءِ ڪو به ايڏي وڏي ايڏي پائي جو ليڊر نه هو جيڪو عام چونڊن ۾ اليڪشني مهم هلائي ۽ مخدوم امين فهيم جهڙي نازڪ نفيس شخص رات ڏينهن هڪ ڪري سڄي ملڪ ۾ چونڊ مهم هلائي.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو ۽ پ پ سان ان کان وڌيڪ ڪهڙي وفاداري ٿي سگهي ٿي جو شهيد راڻي جي ٽيجهي تي آصف علي زرداري اهو اعلان ڪيو ته شهيد راڻي جي فيصلي موجب ايندڙ وزيراعظم مخدوم امين فهيم هوندو پر چونڊن بعد شهيد راڻي جي خواهش موجب آصف علي زرداري مخدوم امين فهيم بجاءِ يوسف رضا گيلاني کي وزيراعظم بڻايو ۽ مخدوم صاحب کي ڪا سٺي وزارت به نه ڏني، نه صرف ايترو پر سنڌ حڪومت ۾ سندس فرزند مخدوم جميل الزمان کي به بنا ڪم واري وزارت ڏني. اهڙي صورتحال ۾ هر ماڻهو جو اهو اندازو هو ته هاڻ مخدوم امين فهيم پارٽي ڇڏي ويندو، پر دنيا ڏٺو ته مخدوم امين فهيم اقتدار جي ڪرسي کي اهميت ڏيڻ بجاءِ شهيد ڀٽو، شهيد راڻي ۽ سندن پارٽي جي مفادن کي اهميت ڏني. وقت به وقت پ پ جي ڪو چيئرمين کان وٺي ڪجهه پ پ ليڊرن مخدوم امين فهيم خلاف بيان به ڏنا ۽ موجوده سنڌ حڪومت ۾ جيڪو مخدوم خاندان کي مانُ مليو اهو ڪنهن کان به ڳجهو نه آهي. سروري جماعت جي ماڻهن کي نظرانداز ڪيو ويو. پنهنجي حڪومت ۾ انتقامي ڪارروايون ڪيون ويون، ليڪن مخدوم امين فهيم شهيد جي پارٽي کي نه ڇڏيو پاڻ وصال تائين پ پ سان وفادار رهيو. پاڻ پ پ جو اثاثو هو. سندس وصال سان ملڪ جي سياسي دنيا ۾ وڏو خال پيدا ٿي ويو آهي. خاص طور پ پ لاءِ وڏو نقصان آهي. ان جو احساس ۽ اندازو شايد ڪنهن کي هن وقت محسوس نه ٿئي پر وقت گذرڻ سان سندن خال محسوس ٿيندو.

مخدوم محمد امين فهيم 76 سالن جي ڄمار ۾ ڪينسر جهڙي موذي مرض سان جهيڙيندي نيٺ 21 نومبر 2015ع بمطابق 8 صفر 1437هجري تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، سندس آخري آرامگاهه هالا شهر ۾ حضرت غوث الحق مخدوم سرور نوح جي درگاهه جي اندر مخدوم طالب المولى جي پيرانديءَ ۾ آهي،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.