الطاف جسڪاڻي جي قتل جي مذمت، نوجوان کنڀيا پيا وڃن: رياض چانڊيو

ٽنڊوالهيار  ( ڊ ر )  جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو آهي ته الطاف جسڪاڻي جو قتل سنڌي قوم جو قتل آهي، انتظاميه  هيل تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو  جيڪا افسوس جوڳي ڳالھه آھي، اھڙن خيالن جو اظهار جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو، ٽنڊوالهيار ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين شھيد الطاف جسڪاڻي جي تڏي تي سندس ڀائرن ذيشان جسڪاڻي ۽ ٻين سان تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. رياض چانڊيو چيو ته ايس ايس پي ٽنڊو الهيار چوي ٿو جوابدار بلوچستان فرار ٿي ويا آھن، بلوچستان پاڪستان جو حصو آھي ڪو ملڪ ٻاهر ٿوري آھي، سنڌ جا گڀرو نوجوان کنڀجن پيا،  نياڻيون روڊن تي احتجاج پيون ڪن پر انتظاميه نالي ڪا شيءِ نظر نٿي اچي، الطاف جسڪاڻي جي خون سان انصاف ٿيڻ تائين خاموش  نه رهبو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.