جنيد بلاول وساڻ جون ٻئي ٽنگون ۽ ٻانهون ڪٽيل هيون ۽ موت ٿيڻ بعد ساڙيو ويو : پوسٽ مارٽم رپورٽ

خيرپور/ڪوٽڏيجي (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو+ ثنا الله  بگٽي )نواب وساڻ جي ڀاڻيجي اي ايس آءِ بلاول جو موت تشدد وگهي ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، جاري ڪيل پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بلاول وساڻ جون ٻئي ٽنگون  ٻانهون ڪٽيل هيون ۽  موت بعد  ساڙيو ويو آهي.   ٽي ڏينهن اڳ پراسرار نموني قتل ٿي ويل اي ايس آءِ جنيد بلاول وساڻ جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر خوب چند پوسٽ مارٽم رپورٽ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته مقتول بلاول وساڻ جون ٻئي ٽنگهون  ٻانهون ڪٽيل هيون، کيس قتل ڪرڻ بعد  باھ ڏئي ساڙيو ويو. هوڏانهن واقعي ۾ ملوث قرار ڏنل جوابدار ثقلين شاهه خيرپور ۾ ايس ايس پي وٽ پهچي گرفتاري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته ڀاءُ عيوض گرفتار سيد حسنين شاهه کي آزاد ڪيو ويو آهي، اڳ ۾ ئي گرفتار فراز راجپوت کان پڇا ڳاڇا جاري آهي، ٻئي پاسي اي ايس آء بلاول وساڻ جو ٽيجهو ڪوٽڏيجي ڀرسان ڳوٺ حاجي نواب خان وساڻ ۾ وساڻ ھائوس ۾ ٿيو، جنهن  ۾ سياسي سماجي ادبي،مذھبي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ مختلف برادرين جي چڱن مڙسن  وڏي انگ شرڪت ڪئي، درگاھ ديھه سوھو جي پير سيد عبدالقادر شاهه جيلاني خاص دعا گھري، پ پ پ سنڌ جي  صدر نثار احمد کهڙو، ايم اين اي خورشيد جوڻيجو، ايم پي اي لال چند اڪراڻي، اڳوڻي ايم پي اي گل محمد جکراڻي، سردار خالد احمد لُنڊ، مير بابر علي لُنڊ، ايم پي اي ساجد ٻانڀڻ، مسعود نبي ڏوگر سميت اھم سياسي سماجي ادبي، صحافي ، مذھبي تنظيمن جي اڳواڻن  تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي  ۽ دعا ۾ شرڪت ڪئي، وڏي وزير جي معاون خاص نواب خان وساڻ جي ڀاڻيجي ۽ اڳوڻي گھرو وزير منظور حسين وساڻ جي ويجھي رشتيدار اي ايس آءِ کي ٽي ڏينهن اڳ قتل ڪيو ويو هو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.