الطاف جسڪاڻي جو قتل، پوليس جاچ مان مطمئن نه آهيون: قادر مگسي

ٽنڊوالھيار  ( رپورٽ: خميسو دائوداڻي ) سنڌ ترقي پسند پارٽي الطاف جسڪاڻي جي قتل واري مامري تي ٽنڊوالهيار پوليس جي جانچ تي  بي اعتماد ظاھر ڪري ڇڏي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي ٽنڊوالهيار ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ھن وقت تائين ٿيندڙ جاچ مان مطمئن ناھيون.ڊاڪٽر قادر مگسي وڌيڪ چيو ته 24 ڪلاڪن کان مٿي جو ٽائيم گذري چڪو آهي، پر ھن وقت ڪا به ٽيم ناھي جڙي سگهي ۽ نه وري ڪا  گرفتاري عمل ۾ آندي وئي آهي.اسان پوليس تي مڪمل اعتماد ڪيو پر پوليس ھن وقت تائين جانچ ناھي ڪئي، هن چيو ته وڏو وزير سيد مراد علي شاھ ڪورنٽائن ٿي ويو آھي پر سندس ٽيم ڪم ڪري رهي آهي،  72 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ختم ٿيڻ بعد ھر سياسي آپشن استعمال ڪيو ويندو، جيڪو اسان جو حق آهي. ھن چيو ته شھيد الطاف جسڪاڻي سنڌ جو سپوت پٽ ھو۽ پارٽي جو اثاثو ھو، اسان جي دلين ۾ اڄ به زنده آهي ۽ رھندو، جنهن جو خون اسان رائيگان ٿيڻ نه ڏينداسين، قاتلن کي پاتال مان به ڳولهينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.