الطاف جسڪاڻي جي خون سان انصاف نه ٿيو، ٻي ڏينهن به مظاهرا

ڪراچي ( نمائندن وٽان ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف مختلف شهرن ۾ ٻي ڏينهن به احتجاجي  مظاهرا ڪيا ويا. ايس ٽي پي ضلعي مٽياري پاران مرڪزي اڳواڻ ڄام شوڪت ابڙو ، عبدالفتاح ڳاهوٽي ، عبدالحڪيم نوحپوٽو . رحمت الله ترڪ . ملهار شدي ، رسول بخش سولنگي ، موسا لڙڪو ۽ لياقت سهتو جي اڳواڻي ۾ مٽياري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري ۾ وڏي تعداد ۾ ايس ٽي پي ڪارڪن شريڪ هئا. ميرپوربٺورو ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف ايس ٽي پي ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي  ڪئي وئي. مسوڀرڳڙي ۾ اڪبربروهي، عبدالرحمان بروهي، نورالله مگسي، شيرعلي ڇلڳري اڳواڻي ۾ الله واري چوڪ کان ريلي  ڪڊي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي.  داد لغاري ۾ ايس ٽي پي طرفان شاھنواز پتافي، محمود گبول ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي.  ھنن چيو ته الطاف جسڪاڻي جي قتل ۽ قاتلن جي گرفتاري خلاف پوري سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪون  هلايون پيون وڃن، قاتلن کي فوري گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.