ڪراچي پراڻي سبزي منڊي ۾ فائرنگ واقعي جي جاچ بابت درخواست تي جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پراڻي سبزي منڊي ۾ احتجاج  دوران فائرنگ واقعي واري  ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت  صوبائي گهروکاتي، آءِ جي سنڌ،  ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي نوٽيس جاري ڪندي 3 ڊسمبر تي جواب گهري ورتو آهي.  درخواست گذار ڪجهه ڏينهن اڳ ڪسٽم عملدارن  جي ڪارروائي کان پوءِ واپارين احتجاج ڪيو، جنهن دوران فائرنگ ۾  ٻه ڄڻازخمي ٿي پياهئا،

عدالت ڪراچي ۾ سي اين جي اسٽيشن تي ڌماڪي واري واقعي بابت درخواست اڪلائي ڇڏي

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس ارشد حسين خان  تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ميٽرڪ بورڊ ۽ جناح يونيورسٽي فار وويمن جي ويجهو پيٽرول پمپ تي ڌماڪي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت کي سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته لاڳاپيل ادارن پيٽرول پمپ جو لائسنس رد  ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ  سخت قدم کنيا آهن، جسٽس محمد علي مظهر پڇيو ته  اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ  ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن، سرڪاري وڪيل ٻڌايو ته سمورن پيٽرول پمپن  ۽ سي اين جي اسيٽشنن کي ڏسڻ لاءِ اٿارٽي ٺاهي وئي آهي، درخواست گذار انجمن اسلاميا پاران موقف اختيار ڪيو ويو ته ڌماڪي ۾ 5 ماڻهو زخمي ٿيا، مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن .عدالت درخواست کي اڪلائي ڇڏيو آهي

رهائشي جگهه تي اسپتال ٺاهڻ وارو ڪيس: ڌرين کي نوٽيس جاري

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ مخدوم بلاول ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ۾ رهائشي جگهه  تي اسپتال ٺاهڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران عدالت سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ مخدوم بلاول ڪو آپرپٽو سوسائٽي سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪري 27 نومبر تي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي .اسپتال جي غير قانوني اڏاوت تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو .عدالت چيو ته رهائشي زمين تي اسپتال  جي ڪهڙي اڌاوت ڪري سگهجي ٿي .وڪيل چيو ته سوسائٽي ۾ اسپتال جي 25سئو گز زمين ڏني وئي آهي.

ڀارت آسام کان ڪشمير تائين مسلمانن کي ختم ڪرڻ چاهي ٿو: شهريار آفريدي

اسلام آباد ( م ڊ) ڪشمير ڪميٽي جي پارلياماني چيئرمين شهريار آفريدي چيو آهي ته 20 نومبر جو ڏينهن سڄي دنيا ۾ ٻارن جي بنيادي  حقن جي حوالي سان عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته گڏيل قومن کي ڀارتي والاريل ڪشمير جي انهن معصوم ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ عملي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، جيڪي هر ايندڙ ڏينهن ڀارتي فورسز هٿان پيليٽ گن جو شڪار ٿيندا رهن ٿا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته دنيا انساني حقن جي ماهرن مودي حڪومت طرفان ڀارت ۾ مسلم نسل ڪشي جي منصوبن جي باري ۾ خبردار ڪيو آهي.  ماهرن جو چوڻ آهي ته مودي حڪومت آسام کان ڪشمير تائين مسلمانن کي ختم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. هن چيو ته گڏيل قومون انهي جو نوٽيس وٺن ۽ ماڻهن جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ عملي قدم کڻن.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.