نوجوان کنڀڻ خلاف مارچ بلڙي پهتو، نيڻ آلا ۽ پير ڇالا ٿيڻ باوجود حوصلا بلند

ميرپور بٺورو/جهوڪ شريف/ بلڙي شاهه ڪريم( نمائندا) کنڀيل نوجوانن جي آزادي لاءِ نڪتل سنڌ سڀا مارچ جي سجاول ضلعي جي حدن ۾ شاندار آجيان، مارچ بلڙي شاهه ڪريم پهتو. جبري گرفتارين خلاف  ڪراچيء کان  سنڌ سڀا اڳواڻ انعام عباسي مسنگ پرسنس جي شازيا چانڊيو سينئر صحافي رزاق عاصي هاني بلوچ جي اڳواڻيءَ  ۾ نڪتل پيادل قافلو بلڙي شاھ ڪريم پهتو جتي جسقم چيرمين اسلم خير پوري ايڇ آر سي پي ضلعي ٽنڊي محمدخان جي ڪور گروپ ڪوآرڊينيٽر عثمان پنهور، حاجي يارمحمد ڪيهر،  ضياءُالدين ميمڻ ، حنيف سولنگي سميت مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ شهرين گلن ۽ اجرڪن جي ورکا ڪري شاندار آجيان ڪئي آهي ان موقعي تي جسقم چيرمين اسلم خيرپوري چيو ته سنڌ تاريخ جي ڪاري دور مان گذري رهي پر جبر قومن کي ذلتن مان نڪرڻ جون راهون ۽ رستا به کولي ڏيندو آهي. عبدالواحد آريسر اسان کي ٻڌايو ته برصغير ۾ مهاتما گانڌيء کان به گهڻو اڳ عدم تشدد جو باني شاھ عبدالڪريم بلڙي وارو آهي، هتي نوجوان کنڀي گم ڪيا ويا آهن،  هي قافلو نيڻ آلا پير ڇالا ڪري پنڌ ۾ آهي. انعام عباسي چيو ته سنڌ جو هڪ به ماڻهو کنڀيل هوندو تيستائين جدوجهد جاري رهندي. جهوڪ شريف ۾ به سياسي ۽ سماجي اڳواڻن حاجي خان جلالاڻي,لالا ذوالفقار جتوئي,محبوب جلالاڻي,غلام قادر جتوئي ۽ ٻين اجرڪ جو سوکڙيون ڏئي ۽ گلن سان آجيان ڪئي.  جتي امير آزاد پهنور، جيئي سنڌ قومي پارٽي سربراھ نواز زئور چيو ته  نوجوانن کي عدالتن ۾ آڻيو، اسان ڪيس وڙهنداسين، عاقب چانڊيو جي ڀيڻ شازيه چانڊيو,امڙ مختيار بيگم، کنڀي گم ڪيل نسيم بلوچ جي مڱيندي حاني بلوچ، گم ڪيل ڊاڪٽر فتح محمد کوسي جي پٽ نصيب کوسي، کنڀيل ايوب ڪانڌڙي جي پٽ وقار ڪانڌڙي چيو ته اسان جي احتجاج جو اڃان تائين ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو ويو. 03

ڪڪڙ مان کنڀيل پورهيت دودو چانڊيو جي آزادي لاءِ احتجاج

ڪڪڙ (ن ع آ )ڪڪڙ ۾ کنڀي گم ڪيل پورھيت دودو چانڊيو اڃا تائين آزاد نه ٿيو. ڳوٺ گل محمد چانڍيو واسي پورھيت نوجوان ٽيڪسي  ڊرائيور دودو چانڊيو جي آزادي لاء سندس وارثن طرفان ڪيل احتجاج کي  31 ڏينھن ٿي ويا پر  ھاء ڪورٽ جي حڪم باوجود ڪڪڙ پوليس گم ٿيل نوجوان جو ڪيس داخل نه ڪيو آھي ڀاء دودو چانڊيو کي گذريل 5  مھينا ٿيڻ سبب جدائي ۾  پيرسن امڙ ۽ والد حافظ مسلم چانڊيو جا حال ھيڻا ٿي ويا آھن. وارثن ڪالهه  31 ڏينھن به  ڄام خان چانڊيو، احسن علي،  دلدار علي، زاھد، مظفر علي  ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾   ڪڪڙ ۾  احتجاجي مظاھرو ڪيو.  ان موقعي تي گم ڪيل  نوجوان جي ڀاء ڄام خان   چانڍيو چيو آھي ته دودو  چانڍيو کي کنڀي گم ڪيل جي واقعي کي 5 مھينا گذري چڪا  آھن اڃا تائين آزاد نه ٿيو آھي ۽ ڪڪڙ پوليس ھاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود ڪيس داخل ڪرڻ تيار ئي ناھي. ڏينھن ڏٺي جو  انڊس ھاء وي روڍ تان خانپور ٽيڪسي اسٽاپ تان ڀاءُ کي کنڀي گم ڪيو ويو پر ضلعي دادو جي انتظاميا ڪي جوڳا قدم نه کڻي سگھي آھي. ڀاء جو ڪنھن به قومپرست پارٽي سان تعلق ڪونھي ان کي بي گناھ کنڀيو ويو آھي. 03

ڄامشوري مان کنڀيل پورهيت منصور جويو آزاد نه ٿيو، احتجاج

ڄامشورو (رپورٽ: راجا انور چانڊيو) ڄامشورو مان چار مهينا اڳ کنڀي گم ڪيل نوجوان منصور جويو جي آزادي لاءِ سندس وارثن ۽  ڄامشورو جي سڄاڻ ڌرين احتجاجي ريلي ڪڍي. کنڀيل نوجوان جي والد رٽائر استاد امير بخش جويو , ڀائرن محمد صديق جويو , ولي محمد جويو , سڄاڻ ڌرين ظهير ڪانڌڙو , ڊاڪٽر سرمد سهارڻ , اڪرم ملاح , ديدار ڀلائي , شاعر محمد قمبراڻي , منظور ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاهي بازار ڄامشورو کان ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ڄامشورو تائين ريلي ڪڍي وئي. وارثن ۽  اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته منصور جويو پڙهيل لکيل ۽ باشعور شهري آهي جيڪو پنهنجو هنر وارو روزگار ڪري پنهنجي زندگي بهتر نموني گذاري رهيو هيو جنهن کي چار مهينا اڳ بنا ڪنهن سبب جي مختلف گاڏين ۾ سوار ٿي آيل ادارن جا هٿياربند کنڀي ويا. منصور جويو جي جبري گمشدگي سبب سندس 70 ورهين جو پوڙهو والد ۽ ٻيا گهر ڀاتي سخت پريشان آهن . هنن چيو ته منصور جويو جي 17 آگسٽ 2020ع تي شادي رٿيل هئي جيڪا منصور جي کنڀڻ سبب نه ٿي سگهي ۽ هن جي مڱيندي اڃا تائين   راهون نهاري رهي آهي. وارثن  چيو ته جيڪڏهن منصور جويو ڪو ڏوھ ڪيو آهي ته پوءِ کيس قانوني گهرجن تحت ملڪي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي. هنن چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان نوٽيس جو مطالبو ڪيو.  03

ڪراچي مان کنڀڻ بعد ظاهر ڪيل 4 ڄڻا رمانڊ تي پوليس حوالي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي مان کنڀڻ بعد ميرپور خاص مان ظاهر ڪيل 4 ڄڻن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 10ڏينهن جي جسماني رمانڊ  تي سي ٽي ڊي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، رمانڊ لاءِ جي انتظامي جج آڏو پيش ڪيو ويو، ، جوابدارن سارنگ عرف سهيل ميراڻي ،بشير احمد، انيس احمد ۽ خاوند بخش عرف سليم سنڌي کي سي ٽي ڊي پوليس رمانڊ لاءِ دهشتگردي ٽوڙعدالت جي انتظامي جج آڏوپيش ڪيو، عدالت  رينجرز تي حملن جي ڪيس ۾ جوابدارن کي 10ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي سي ٽي ڊي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

ڄام شوري مان 4 جوان کنڀجڻ بعد واپس نه موٽيا، وارث پريشان

ڄامشورو: ڄامشوري شهر مان منصور جويو سميت 4 نوجوان کنڀي گم ڪيا ويا آهن جن ۾ سرويچ نوحاڻي,امتياز خاصخيلي ۽  امر فياض به شامل آهن جن جو ڪو به پتو پئجي نه سگهيو آهي. 03

اسان جي نوجوانن تي الزام غلط آهن، ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن: بشير شر ۽ سهيل ميراڻي جا وارث

گلشن اقبال(ن ع آ) منهنجي پٽن جو ڪنهن به ملڪ دشمن تنظيم سان تعلق ناهي  بشير شر مٿان لڳايل سمورا الزام غلط آھن  ملڪي آئين ۽ قانون تحت اسان سان انصاف ڪيو وڃي اهڙو اظهار ايس يو پي جي سينئر ڪارڪن ۽ ڀٽائي آباد مان کنڀيل اسڪولي شاگردن بشير شر ۽ غلام رسول جي جي والد عبدالرزاق شر ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو, هن چيو ته منهنجي هڪ پٽ بشير شر جي سي ٽي ڊي پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گرفتاري ظاهر ڪئي وئي آھي.  منهنجي پٽن جو ڪنهن به ملڪ دشمن تنظيم سان ڪو به تعلق ناهي ايس آر ايس ڇا آھي اسان کي اها به خبر ناهي, هن چيو ته 16 آگسٽ تي اهلڪار ڌڻي بخش ڳوٺ نزد ڀٽائي آباد ڪراچي ۾ واقع منهنجي گهر ۾ گهري اتان منهنجي ٻنهي پٽن بشير شر ۽ غلام رسول شر کي زبردستي کڻي ويا هئا ساڳي ئي تاريخ تي اسان گلستان جوهر ٿاڻي تي ان واقعي جي درخواست داخل ڪئي هئي. ٻئي پاسي سي ٽي ڊي پوليس پاران گرفتاري ظاهر ڪيل هڪ ٻئي نوجوان سارنگ عرف سهيل ميراڻي جي والد ذوالفقار ميراڻي چيو ته منهنجو پٽ سارنگ عرف سهيل ميراڻي ڪنهن به قسم جي ڏوهاري يا ملڪ دشمن سرگرمين ۾ ملوث ناهي هو سچل ڳوٺ لڳ ايوب ڳوٺ جي مين روڊ تي قائم ماروي چڪن سينٽر تي ڪيترن ئي سالن کان ڪم ڪندو آھي 3 سيپٽمبر رات دير سان ساده ڪپڙا پهريل اهلڪارن ايوب ڳوٺ ۾ اسان جي گهر ۾ گهرڙي آيا ۽ منهنجي پٽ سارنگ عرف سهيل ميراڻي کي زبردستي پاڻ سان کڻي ويا جنهن جي ثبوت تور اسان وٽ سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ موجود آھن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.