وزيراعظم ڪورونا کي سياسي مقصد لاءِ استعمال پيو ڪري: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سرڪار جي ترجمان قانون ۽ ماحوليات کاتن بابت وڏي وزير جي صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وفاقي  سرڪار پاران مدد نه ڪرڻ سبب سنڌ حڪومت مالي مشڪلات کي منهن ڏئي پئي، ان باوجود وفاق وانگر اعلانن بدران عملي ڪم ڪري ڏيکاريو آهي. سنڌ ۾ ناريل جي تيل جي پيداوار گيم چينجر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته هن چيو ته سنڌ سرڪار مالي مسئلن کي منهن ڏئي پئي ان جو اثر ترقياتي منصوبن پوندو آهي، واعدا گهڻا ٿيا هاڻ عوام وفاقي واعدن تي عمل ٿيندي ڏسڻ چاهي ٿو، ملڪ جي معاشي مسئلن جو سڀ کان وڏو معاملو وفاقي حڪومت جي نالائقي آهي. پي ٽي آءِ جڏهن کان اقتدار ۾ آئي آهي ته ان جو ٽارگيٽ 5 کرب هو ، پر وصولي صرف سوا 3 کرب ڪري سگهي. مرتضي وهاب چيو ته وزيراعظم پنهنجي سياسي مقصد لاءِ ڪورونا کي استعمال ڪري رهيو آهي، وزيراعظم چئي پيو ته لاڪ ڊائون نه ڪرڻ آهي، ٻئي طرف وري خود پابنديون لڳائي رهيو آهي. هن چيو ته  ٺٽي ۾ ناريل جا وڻ پوکڻ جو منصوبو آڻي ڇڏيو آهي، منصوبو  گيم چينجر ثابت ٿيندو ۽ مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا، هن چيو ته پام آئل تي ساليانو 3 کان 4 ارب ڊالر خرچ ڪيو ويندو آهي، سنڌ سرڪار 50 ايڪڙن تي فصل پوکي ان مان عالمي معيار جو پام آئل تيار ڪيو آهي، پام آئل جي مڪمل تياري لاءِ ٺٽي ۾ مل لاءِ سنڌ ڪابينا مان منظوري ورتي ويندي، سنڌ ڪابينا 1600 ايڪڙ زمين مختص ڪئي آهي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.