آرمي چيف جنرل جنرل قمر جاويد باجوه سان مصر جي سفير جي ملاقات

راولپنڊي ( م ڊ ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته مصر سان هر شعبي ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. آءِ  ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان مصر جي سفير طارق محمد داهروگ جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات ڪئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر مطابق ملاقات ۾ دفاع ۽ سيڪيورٽي وارن شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ پاڪستان مصر سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏيندو آهي، مصر سان هر شعبي ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. پاڪ فوج جي ترجمان مطابق مصر جي سفير طارق محمد داهروگ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو.

آءِ جي سنڌ اغوا معاملو، رجسٽرار جي اعتراضن خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل

اسلام آباد ( م ڊ ) آءِ جي سنڌ جي اغوا واري معاملي تي سپريم ڪورٽ رجسٽرار آفيس جي اعتراضن خلاف ان چيمبر اپيل داخل ڪئي وئي  آهي. آءِ جي سنڌ مشاق مهر جي اغوا بابت سماجي اڳواڻ آءِ اي رحمان ۽ ٻين ڌرين درخواست داخل ڪرائي هئي، جنهن سپريم ڪورٽ اعتراض واريو هو. اعتراض ۾ چيو ويو ته درخواستگذار واڳيل فورم سان رابطو ناهي ڪيو، نه ئي ٻڌايو آهي ته ڪهڙو عوامي مفاد متاثر ٿيو، رجسٽرار آفيس جي اعتراضن خلاف ان چيمبر  اپيل داخل ڪندي استدعا ڪئي وئي آهي ته کليل عدالت ۾ ٻڌڻي هلائي وڃي.

وزيراعظم عمران خان افغانستان جو دورو 11 هزار ڊالرن ۾ ڪيو آهي: شهباز گل

ڪراچي (م ڊ ) وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گل چيو آهي ته پاڪستان تبديل ٿي رهيو آهي، ميان مفرور ڪابل جودورو 58هزار ڊالرن ۾ ڪيو ويو هو. جڏهن ته آصف  علي زرداري ساڳيو دورو 44 هزار ڊالرن ۾ ڪيو هو، راجا پرويز اشرف اهو دورو 51 هزار ڊالرن ۾ ڪيو هو. شهباز گل دعويٰ ڪئي ته وزيراعظم عمران خان افغانستان جو دورو 11 هزار ڊالرن ۾ ڪيو آهي،

پابنديون ختم ڪيون وڃن ته ايٽمي معاهدي جي پاسداري ڪري سگهون ٿا: ايران

تهران (م ڊ ) ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف چيو آهي ته پابنديون ختم ڪيون وڃن ته ايٽمي معاهدي جي پاسداري ڪري سگهون ٿا. ايراني سڌ سماءُ وارن ذريعن مطابق   پرڏيهي وزير جواد ظريف آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر جوبائيڊن کي چيو آهي ته جيڪڏهن هو تهران تي لاڳو پابنديون ختم ڪري ڇڏي ته ايران 2015ع جي ايٽمي معاهدي جي مڪمل پاسداري ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.