سنڌ جو احتجاج رد، وفاق ٻيٽن تي شهر اڏڻ جي هوڏ تي قائم

اسلام آباد (م ڊ) سنڌ سرڪار جي مخالفت ۽ ڌرتي ڌڻين جي احتجاج باوجود وفاق ٻيٽن تي شهر اڏڻ واري هوڏ تي قائم آهي. وفاقي وزير دعويٰ ڪئي آهي ته ٻيٽ ذوالفقار ڀٽو پورٽ قاسم کي ڏئي ويو هو، سنڌ سرڪار کان مشورو ڪرڻ به ان تي احسان آهي.. وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٻيٽن بابت اجلاس ۾ پاڪستان آئيلينڊ اٿارٽي ۽ راوي اربن ڊولمپمينٽ اختيارين پنهنجن  منصوبن تي اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي.  اجلاس ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل به وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. . وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم کي ٻنهي منصوبن تي هن وقت تائين ٿيندڙ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته راوي سٽي ۽ ٻيٽن تي آباد ٿيندڙ شهر ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سرسبز شهر (گرين سٽي) جي اصولن جي عين موجب هوندا، راوي ڊولپمنيٽ اٿارٽي جي چيئرمين ٻڌايو ته تعميرات جي لاءِ 18600 ايڪڙ زمين جو سروي مڪمل ٿي چڪو آهي. پاڪستان آءِ لينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين وزيراعظم کي آءِ لينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ماسٽر پلاننگ ۽ ماحولياتي مطالعي جي ڏس ۾ عالمي ڪمپنين جي وڏي تعداد ۾ دلچسپي جي حوالي سان آگاهه ڪيو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سامونڊي پٽي سياحت ۽ عالمي معيار جي شهري تعميرات جي لاءِ نه رڳو لاڀائتي آهي پر ٻاهرين سيڙپڪاري جا ڪيترائي موقعا پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکندي آهي، هن وڌيڪ چيو ته راوي سٽي منصوبو لاهور جهڙي وڏن شهرن تي آبادي جي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ اربن پلاننگ جي نئين جدت متعارف ڪرائيندو. وزيراعظم چيو ته ان وڏن منصوبن سان ملڪي معيشت ۽ عام ماڻهو جي زندگي تي مثبت اثر پوندا. هن چيو ته اهو منصوبو مقامي صنعتن جي ترقي جو سبب بڻجڻ سان گڏوگڏ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجندو. وزير اعظم چيو آهي ته سامونڊي پٽي تي شهر اڏڻ سان سياحت ۾ واڌ سان گڏ سيڙپڪاري جا موقعا پيدا ٿيندا، ٻنهي منصوبن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، معيشت ۽ عام ماڻهن جي زندگي بهتر ٿيندي. وزيراعظم چيو ته ٻيٽن تي شهر اڏڻ جي مخالفت اجائي آهي. هوڏانهن خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير علي زيدي چيو ته سنڌ سرڪار کان مشوري ڪرڻ اسان جو ٿورو آهي، ٻيٽ ته ذوالفقار ڀٽو پورٽ قاسم اٿارٽي کي ڏئي ويو هو. هن چيو ته ٻيٽ بندرگاهه جي ملڪيت آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.