دنيا جو هر پنجون ٻار هٿيارن جي ڇانو هيٺ پلجڻ لڳو

اسلام آباد ( م ڊ ) دنيا جي هر پنجين ٻار جي پرورش هٿيار بند تڪرارن ۾  ٿي رهي آهي، ٻارن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم سيو دي چلڊرن ٻارن جي  عالمي ڏينهن جي موقعي تي ” ٻارن سان جنگ “ جي نالي سان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو آهي ته  گذريل سال 42 ڪروڙ 60 لک ٻار پنهنجي علائقي ۾ جاري هٿياربند تڪرارن سبب متاثر ٿيا،  سال 2018 ۾ اهڙن ٻارن جو انگ 41 ڪروڙ 50 لک هو. رپورٽ موجب ٻارن لاءِ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ملڪن ۾ افغانستان، ڪانگو، عراق، يمن، مالي، نائجيريا، صوماليا، سوڊان، ڏکڻ سوڊان ۽ شام شامل آهن، انهن ملڪن ۾ لڳ ڀڳ 16 ڪروڙ ٻار تڪرارن ۾ وڏا ٿي رهيا آهن. تنظيم مطالبو ڪيو آهي ته  عالمي برادري هٿيارن جي واپار تي پابندي لڳائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.