ٻي شادي جي خواهش، زال مڙس جو نازڪ عضو ڪٽي ڇڏيو

ڦل  ( ن ع آ )ٻي شادي جي ڌمڪي ڏيڻ تان زال پنهنجي مڙس جو مبينه نازڪ عضوو ڪٽي ڇڏيو. ڦل واسي نوجوان ڪامران قريشي ميڊيا سان  ڳالهائيندي ٻڌايو ته منهنجي شادي پنهنجي ذات جي ئي نظيران قريشي سان 10 سال اڳ  ٿي هئي جيڪي اصل ڦل شھر جا ئي رهواسي آھن، هاڻ ڪراچي ۾ رهن ٿا ۽ مان به انهن سان گڏ اتي رهندو هيس، اسان جي شادي کي 10 سالن گذرڻ باوجود اولاد نه ٿيڻ تي مون پنهنجي گهر واري نظيران قريشي کي چيو ته مان اولاد  لاءِ ٻي شادي ڪندس جنهن تي هوءَ ڪاوڙجي پئي ۽ جڏهن مان رات جو گهر آيس ته هن مون کي حسب معمول کير ڏنو جيڪو مان پيتو  کير  پيئڻ سان ئي مون کي ننڍ اچي وئي ته رات جو دير سان اوچتو مان ننڍ مان اٿيس ته ڏٺم ته منهنجي نازڪ عضوي مان رت وهي رهيو هو، هنن مون کي کير ۾ نشو ڏئي نازڪ عضوو ڪٽي ڇڏيو هو بعد ۾ مان اتي پنهنجي دوستن کي فون ڪيو جيڪي مون کي اسپتال کڻائي ويا ۽ هاڻي مان پنهنجي شھر ڦل پيءُ جي گهر  آھيان هن وڌيڪ ٻڌايو ته منهنجي زال نظيران ۽ منهنجي سالي خالد قريشي گڏجي منهنجو نازڪ عضوو ڪٽيو آھي. هن حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو آھي ته مون سان انصاف ڪيو وڃي ۽ منهنجي گهرواري ۽ سالي خالد قريشي ۽ سندس ٻين ساٿين کي جلد کان جلد گرفتار ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.