ڪورونا سبب ايندڙ سال 20 لک ٻار فوت ٿي سگهن ٿا: يونيسيف

نيويارڪ (م ڊ ) گڏيل قومن جي ٻارن جي ڀلائي واري اداري يونيسيف چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا سبب ايندڙ 12 مهينن ۾ / گهٽ ۾ گهٽ 20 لک ٻارن جي فوت ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته اضافي 2 لک ٻار پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي زندگي کان محروم ٿي سگهن ٿا. يونيسيف چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا سڄي دنيا جي ٻارن جي صحت، تعليم ۽ غذائيت تي اثر وڌا آهن. يونيسيف پاران رپورٽ جوڙڻ لاءِ 140 ملڪن ۾ هڪ سروي پڻ ڪيو ويو. يونيسيف جو چوڻ آهي ته 135 ملڪن ۾ وبا سبب مائرن ۽ ٻارن کي 40 سيڪڙو مناسب غذائيت کان محرومي کي منهن ڏيڻو پيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.