ڊجيٽل ڪرنسي تي پابندي: ايف آءِ اي ۽ ٻين کان جواب طلب

ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس ارشد حسين خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ڊيجيٽل ڪرنسي ڪرپٽو  تي پابندي جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي .عدالت وقارذڪي جي فوري ٻڌڻي جي درخواست رد ڪري ڇڏي .اسسٽنٽ اٽارني جنرل پاڪستان گلفراز عدالت کي ٻڌايو ته 17ڊسمبر تي ڪيس جي تاريخ آهي، ان ۾ وفاق پاران جواب جمع ڪرائڻو آهي،  عدالت ايف آءِ اي ۽ وزارت ڪامرس کي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي .اسٽيٽ بئنڪ جي وڪيل چيو ته پاڪستان ۾ ڪرپٽو ڪرنسي تي پابندي نه آهي اسٽنٽ بئنڪ بٽ ڪوائن اڪائونٽ به کولي رهي آهي .درخواست گذار وقارذڪي پنهنجي موقف ۾ چيو ته ايف آءِ اي کي ڪارروائي کان روڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.