ڪورونا وائرس بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس 25 نومبر تي طلب

اسلام آباد (  م ڊ ) پارليامينٽ جي ڪورونا وائرس بابت ڪميٽي جو اجلاس 25 نومبر تي طلب  ڪيو ويو آهي،جنهن ۾  وفاقي وزيرن  ۽ اپوزيشن اڳواڻن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، اين ڊي ايم اي چيئرمين ۽ نيشنل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملدارن کي به شرڪت جي هدايت ڪئي وئي آهي، اجلاس ۾ ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ويندو.

پنجاب  ۾ شادي هالن اندر تقريبن تي پابندي، نوٽيفڪيشن جاري

لاهور(م ڊ ) پنجاب حڪومت طرفان شادي هالن جي اندر تقريبن تي پابندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. سيڪريٽري پرائمري اينڊ سيڪنڊري هيلٿ ڪيئر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب شادي ۽ ٻين تقريبن جي اجازت رڳو کليل جاين تي هوندي.نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته تقريبن ۾ وڌ کان وڌ 300 ڄڻن جي شرڪت جي اجازت هوندي جڏهن ته کليل جاءِ تي تقريبن ۾ به ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرڻ لازم هوندو ۽ تقريبن کان سواءِ عوامي ماڳن تي به منهن ڍَڪڻ لازمي هوندو.نوٽيفڪيشن موجب شادي هالن جي اندر تقريبن تي پابندي 20 نومبر کان 31 جنوري تائين لاڳو رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.