باهو کوسو جي صحافي جي قتل خلاف قلم ڌڻين جو احتجاج

ڳڙهي ياسين/ باهو کوسو( نمائندن وٽان (باهو کوسو جي سينيئر صحافي نور لنجواڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف صحافين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. دلمراد ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن هٿان قتل ڪيل باهو کوسو جي صحافي نور لنجواڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ باهو کوسو جي صحافين ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪري ٺل جيڪب آباد روڊ تي ڌرڻو هنيو.ان موقعي تي ڳالهائيندي مبارڪ بليدي، تبسم کوسو، جاني لاشاري، ساگر علي هانڀي، باسط بلوچ ۽ ٻين چيو ته حق ۽ سچ جي پاداش ۾ صحافي کي قتل ڪيو ويو آهي, صحافين جي بي رحماڻي قتل تي صحافين ۾ بي چيني وڌي رهي آهي. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته 3 ڏينهن اندر قاتل گرفتار نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.