ڪراچي ۾پرڏيهي عورت جي قتل ۾ملازم ملوث قرار

ڪراچي (رپورٽر) مقامي عدالت ۾ ڪلفٽن بلاڪ نمبر 5 ۾ پرڏيهي عورت جي قتل کي خودڪشي قرار ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران پوليس جاچ مڪمل ڪري چالان پيش ڪري ڇڏيو آهي، حتمي چالان ۾ پرڌيهي عورت جي مڙس کي جوابدارن جي فهرست مان خارج ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عبوري چالان ۾ جاچ آفيسر مڙس فاروق ڊوسا کي جوابدار قرار ڏنو هو، پوليس يوٽرن وٺندي ملازم سليم قريشي کي قتل جو ذميوار قرار ڏنو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته مڙس حوالي سان ٽبوت نه مليا آهن،  ياد رهي ته 4سيپٽمبر تي قازقستان جي عورت سويٽ لانا جو لاش ڪلفٽن بلاڪ 5 جي گهرمان مليو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.