ڪورونا وبا اڳ جيان خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي: ڊاڪٽر فيصل

ڪراچي ( م ڊ ) وزيراعظم جي صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ڪورونا وبا اڳ  جيان خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر فيصل سلطان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪورونا کان احتياط عوام تي ڇڏڻ مناسب نه هوندو، هي بيماري اڳ جيان خطرناڪ ٿي سگهي ٿي، ان لاءِ اسان کي پنهنجي رويي ۽ ميل جول ۾ احتياط اختيار ڪرڻو پوندو. هن چيو ته هڪ ئي وقت ۾ هزارين شاديون ٿي رهيون آهن ۽ ماڻهو خوشي وچان ۾ ڀاڪر پائي رهيا آهن، شادي تقريبن کي اسان آئوٽ ڊور ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وزيراعظم پنهنجا جلسا رد ڪري ڇڏيا آهن ۽ تعليمي ادارن بابت لائحه عمل جوڙيو پيو وڃي.

اسلام ڪوٽ جي نجي اسڪول ۾ ٻن شاگردن کي ڪورونا وائرس جي تصديق

مٺي (بيوروچيف )اسلام ڪوٽ ۾ ٻيهر ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ لڳا، خانگي اسڪول جي ٻن شاگردن جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي ويئي،ٻنهي شاگردن کي  گهرن  ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو، تفصيل موجب:ڪجھ ڏينهن جي وقفي بعد اسلام ڪوٽ ۾ هڪ دفعو ٻيهر ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن،انهي سلسلي ۾ حاصل ڪيل ڄاڻ موجب اسلام ڪوٽ جي هڪ خانگي اسڪول  هلال پبلڪ  ۾ پنجين ڪلاس ۾ پڙهندڙ ٻن ٻارڙن  10 ورهين جي زبير حسن ولد زاقر حسين ميمڻ ۽ سيد زوار حسين  شاه ولد جي ايم شاه جي ڪرونا  ٽيسٽ پازيٽو اچي ويئي،جنهن بعد ٻنهي ٻارڙن کي پنهنجن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.