اسٽيل مل مان 4 هزار کان وڌيڪ ملازم فارغ ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽ: جميل چانڊيو) پاڪستان اسٽيل مل مان وفاقي حڪومت جي راضپي بعد 4000 کان وڌيڪ پورهيتن کي نام نهاد رضاڪاراڻي اسڪيم تحت نوڪري کان فارغ ڪرڻ لاءِ 1 گريڊ کان 4 گريڊ جي پورهيتن جون لسٽون تيار ڪري سندن کاتن معرفت گهر ڏانهن ليٽر اماڻيا ويا آهن. ان سلسلي ۾ ذريعن موجب پاڪستان اسٽيل مل ۾ 2010 دوران ڏهاڙي واري پورهيتن کي مستقل ڪيو ويو هو جن کي ماضي جي پيپلز پارٽي حڪومت پڪو ڪيو هو. جمعي ڏينهن رات دير سان پاڪستان اسٽيل مل جي سي اي او (آپريشنل  بلڊنگ) ۾ هر طرح جي چرپر کي پابندي لاڳو ڪري عمارت  ۾ غيرواسطيدار اسٽيل مل جي آفيسرن توڙي ورڪرن جي داخلا تي پابندي وجهي ڇڏي. ان سلسلي ۾ وڌيڪ معلوم ٿيو آهي ته جن پورهيتن کي نام نهاد(وي آر آيس) ذريعي انهن کي سندن گهرن تي ليٽر جاري ڪيا ويا آهن. جيڪي ايندڙ هفتي تائين وصول ڪرڻ بعد انهن کي مل ۾ داخلا جي پابندي مڙهي ويندي. اهڙي فارغ ٿيل پورهيتن ۾ وفاقي حڪومت جي تحريڪ انصاف يونين جا سمورا مرڪزي عهديدار پڻ شامل آهن. فارغ ٿيندڙ ملازمن کي (وي آر ايس) ذريعي 19 ارب 65 ڪروڙ رپيا ڏيڻ لاءِ وفاقي  حڪومت منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ياد  رهي ته پاڪستان اسٽيل مل 20 جون  2015 ۾ نوازشريف جي دور ۾ هٿ وٺي گيس بند ڪري اسٽيل مل جي پيداوار کي 0 پرسنٽ تي پهچايو ويو جنهن بعد اسٽيل مل جو زوال شروع ٿيو ۽ هن وقت تائين ڪي اليڪٽرڪ ، ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۽ سئي سدرن گيس جون رهتون ساڍا 700 ارب رپين تائين پهچي چڪيون آهن.  پاڪستان اسٽيل جي سي اي او شجاع عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته ملازمن کي وي آر ايس ڏيڻ واري معاملي تي لاڳاپيل اسٽاف کان آگاهي وٺڻ کانپوءِ ڪجهه ڳالهائي سگهان ٿو هن  چيو ته آءٌ هن معاملي کان چڱي ريت واقف نه آهيان.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.