ڪورونا ويڪسين جي خريداري لاءِ ٽيڪنيڪي گرانٽ جي منظوري

اسلام آباد ( م ڊ ) ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ جي صدارت هيٺ ٿيل اي سي سي اجلاس ۾ ڪورونا ويڪسين جي خريداري  لاءِ 15 ڪروڙ ڊالر جي ٽيڪنيڪي گرانٽ جي منظوري ڏني وئي آهي. اي سي سي پاران اسٽيل ملز ملازمن لاءِ رهتن لاءِ ضمني گرانٽ جي منظوري به ڏني، جڏهن ته تعليم وزارت لاءِ 50 ڪروڙ رپين جي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽ جي به منظوري ڏني وئي. اين آءِ ٽي بي لاءِ 58 ڪروڙ 33 لک رپين جي بجيٽ جي منظوري، جڏهن ته ڪورونا وائرس جي ويڪسين جي خريداري لاءِءَ 15 ڪروڙ ڊالر جي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽ جي به منظوري ڏني وئي، جڏهن ته جي ٽوئنٽي ملڪن کان قرضن تي وياج جي معطلي ۾ 6 مهينا واڌ جي به منظوري ڏني وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.