سنڌ ۾ڪورونا وگهي وڌيڪ 19 مريض فوت، ڪراچي ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽر): سنڌ ۾ ڪورونا وائرس زور پڪڙي ويو، ڪالهه ڪورونا سبب وڌيڪ 19 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا ۽ 12 سو 76 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، ڪالهه وڏي وزير وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جاري ڪيل بيان ۾  چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سنڌ اندر ڪورونا وائرس جي نئين لهر وڌيڪ 19 حياتيون کسي ورتيون جڏهن ته فوتين جو ٽوٽل انگ وڌي 2799 تائين پهچي ويو آهي ۽ 12775 نمونا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن جي نتيجي ۾ 1276 نوان ڪيس ظاهر ٿيا. هن چيو ته وڌيڪ 19 مريض پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 2799 ٿي ويو آهي جيڪا 1.8 سيڪڙو فوتين جي شرح آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته 12975 نمونن جي جانچ ڪئي وئي جن مان 1276 ڪيس پڌرا ٿيا جيڪي موجوده تشخيصي شرح جو 10 سيڪڙو آهن. سنڌ ۾ ڪورونا جا ڪيس وڌڻ کانپوءِ ڪراچي ڊويزن ۾ مائيڪرو ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيوويو آهي، اڄ يا سڀاڻي نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ جا امڪان آهن، ڪالهه ڪراچي جي ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر افتخار شالواڻي جي صدارت هيٺ ڊپٽي ڪمشنرن ۽ ڊي ايڇ اوز جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صحت کاتي جي سيڪريٽري ڪاظم جتوئي پڻ شريڪ ٿيو، اجلاس ۾ ڪراچي ڊويزن اندر ڪورونا ڪيسن جي وڌڻ ۽ ان تي ضابطي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان بعد ڪراچي ڊويزن جي 4 ضلعن ڪراچي ڏکڻ، اوڀر، سينٽرل ۽ اولهه ڪراچي ضلعن ۾ اسمارٽ ۽ ڪورنگي ۽ ملير ضلعن ۾ مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويو، لاڪ ڊائون جي حوالي سان نوٽيفڪيشن اڄ يا سڀاڻي جاري ڪيو ويندو، ان موقعي تي ڪمشنر افتخار شالواڻي چيو ته  اسمارٽ ۽ مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون تي ڊپٽي ڪمشنر عملدرآمد ڪرائيندا، ان کانسواءِ صحت کاتي جا آفيسر به مڪمل تعاون ۾ رهندا، هن چيو ته مائيڪرو اسمارٽ لاڪ ڊائون ۾ صحت کاتي جي سفارش تي مخصوص گهٽيون، علائقا ۽ پاڙا سيل ٿيندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.