ڪورونا جا هاڃا، 36 مريض فوت، 2700 کان وڌيڪ نوان ڪيس

اسلام آباد (  م ڊ ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين  سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 738 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 36 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 42 هزار 909 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 14 هزار 470، پنجاب ۾ 16 هزار 297، خيبرپختونخوا ۾ 4 هزار 296، اسلام آباد ۾ 6 هزار 153، بلوچستان ۾ 704 ، گلگت بلتستان ۾ 198، آزاد ڪشمير ۾ 818 ٽيسٽ شامل آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 793 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 230 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 33 هزار 562 آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.