حيدرآباد ۾ ڪورونا جي پکيڙ، 4 ڄڻا فوت، 132 نوان مريض

حيدرآباد( رپورٽر) حيدرآباد ۾ ڪورونا وبا جي پکيڙ وڌندڙ لڳي، گذريل 24 ڪلاڪن اندر ڪورونا سبب هڪ عورت سميت 4 مريض فوت  ٿي ويا، وڌيڪ 132 نوان ڪيس سامھون آيا آھن، حيدرآباد۾ 58 ورهين جو روشن، 70 ورهين خالده، 71 ورهين جو يوسف ۽ مقبول پٽ شفاقت رياض ڪرونا وگهي سول اسپتال ۾ فوت ٿي ويا، جڏهن ته حيدرآباد ۾ اليمينٽري اسڪول جي استاد ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي، جنهن تي  استاد کي گهر ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو، واضع رهي ته اسڪول جي بلڊنگ ۾ 3 اسڪول هلندا آهن، بلنڊنگ ۾ 450 ٻارڙا داخل آهن، جڏهن ته استادن جو چوڻ آهي ته ڪورونا ۾ متاثر استاد نثار ميمڻ ڪجهه ڏينهن کان بيمار هو، جنهن خانگي اسپتال مان ٽيسٽ ڪرائي هئي، حڪومت کي گهرجي ته سڀني استادن ۽ عملي جي ٽيسٽ ڪرائي وڃي. جڏهن ته تعليم کاتي پاران ڄاڻايل اسڪول ٽن ڏينهن لاءِ بند ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.