ڪتن جو آزار برقرار، 10 کان وڌيڪ ڏاڙهي زخمي، 60 کان وڌيڪ ڪيس، هڪ گرفتار

ڪراچي( نمائندن وٽان )  سنڌ ۾ رولو ۽ ڪتن ڪتن جو آزار ختم نه ٿي سگهيو، مختلف علائقن ۾ ڪتن ٻارن سميت 10کان وڌيڪ ماڻهن کي ڏاڙهي زخمي ڪري وڌو. دريا خان مري ۾ يوسي چاناري ديھ ڪنگل جي  ڳوٺ محمد رمضان خاصخيلي جي 5 ساله عائشه ڌيءُ علي بھار خاصخيلي کي ڪتي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو ڪتي ڏاڙھيل نينگري کي رورل ھيلٿ سينٽر دريا خان مري علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو اسپتال م ڇتي ڪتي جي ويڪسين نه ھجڻ سبب ڪتي ڏاڙھلي کي واپس ڪيو ويو. احمدپور لڳ رولو ڪتن حملو ڪري ٻن ٻارڙن سليمان ميتلو ۽ شاھ زيب کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو آھي جن کي علاج لاءِ پيرڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ٻارڙن کي رولو ڪتن جي چڪڻ جو ڪيس محمد خان ميتلو جي فرياد تي احمد پور ٿاڻي تي شاھ ڀنگيو يو سي جي سيڪريٽري مٿان داخل ڪيو ويو. ميان صاحب ڀرسان ڳوٺ مير محمد کوهارو ۾ 10ورهين جي نينگر کي ڇتي ڪتي ڏاڙهي وڌو. زخمي نينگر کي ميان صاحب رورل هيلٿ سينٽر مان وئڪسين ڪرائي وئي هلندڙ هفتي ۾ ڪتي ڏاڙھن جا چار ڪيس ٿي چڪا آھن. رونتي شھر ۾ رولو ڪتن جو آزار وڌي ويو، ڪتن شاگرد 12 ورهين جي نينگر صدام چاچڙ کي چڪ هڻي ڏاڙهي وڌو ۽ جنهن بعد نينگر کي زخمي حالت ۾ تعلقي اسپتال اوٻاوڙو منتقل ڪيو ويو جتي ويڪسين نه هجڻ ڪري نينگر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو. رونتي ٿاڻي تي نينگر جي پيءُ محمد بخش چاچڙ جي فرياد تي يوسي سيڪريٽري علي بلاول گڏاڻي مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو. عادلپور۾ رولو ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو وڌيڪ ٽن  ڄڻن جنھن ۾ عادلپور شھر جو سليم الله ڌاريجو  ۽ يوسي رڪ فارم جي رھواسي فرحان ڳوٺ سڃڻ واري ۽ شاھد  کي رولو ڪتن چڪ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو آھي . ڪتي جي چڪڻ سبب زخمي ٿيل ٽن ڄڻن جي عادلپور ٿاڻي تي سرڪار پاران اي ايس آء  عبدالحميد شاھاڻي جي فرياد تي  ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، عادلپور پوليس ڪاروائي ڪندي  ٽائون آفيسر عادلپور يونس چنو کي گرفتار ڪيو ويو آھي. خانپورمهر ويجهو ڳوٺ احمد آباد ۾ رولو ڪتي 12 ورهين جي نينگر دلبر گڏاڻي پٽ رمضان گڏاڻي کي رولو ڪتي  ڏاڙهي وڌو، جنهن جو ڪيس سيڪريٽري تي داخل ڪيو ويو آهي، خانپورمهر ٿاڻي تي نينگر دلبر جي والد رمضان گڏاڻي جي فرياد تي يوسي واهي گهوٽو جي سيڪريٽري ڪالي داس تي ڪيس داخل ڪيو ويو.  هوڏانهن سکر پوليس ڪتي چڪڻ جا 60 کان وڌيڪ ڪيس داخل ڪري ورتا آهن.

مختلف شهرن  ۾ ڪتا مار مهم شروع

ڪراچي( نمائندن وٽان ) سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪتا مار مهم شروع ڪري ڇڏي آهي.ھاءِ ڪورٽ جي حڪم ملڻ ۽ ڊي سي دادو جي  ھدايت موجب رولو ڪتن جي آزار وڌي وڃڻ کانپوءِ يونين ڪائونسل ڪڪڙ ۽ مٺو ٻٻر ۾ سيڪريٽري حامد علي سومرو پاران عملي سان گڏجي ڪڪڙ جي مختلف چوراھن چونڪن ۾ ڪاروائي ڪندي 30 رولو ڪتن کي زھر ڏئي ماري ڇڏيو بعد ۾ ڪتن کي شھر کان ٻاھر ڪڍي کين مٽي ۾ پورو ويو . ڏهرڪي ۾ رولو ڪتن جو آزار وڃڻ بعد ٽائون انتظاميه نيٺ جاڳي پيئي ،ڪتا مار مهم شروع ڪئي ،هڪ ڏينهن اندر 125 ڪتا ماريا ويا. لکي غلام شاھ ۾ ميونسپل پاران ڪتا مار مهم ۾ تيزي آڻي ڇڏي هڪ ڏينهن اندر 15 ڪتن کي ماري ڇڏيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.