ٻاهران بصر گهرائڻ سنڌ لاءِ نقصان ، برآمد تان بندش هٽايو: سنڌ سرڪار

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سرڪار  وفاق کان بصرن جي برآمد تان پابندي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته سڀ کان وڌيڪ بصرن جي  پيداوار سنڌ ۾ آهي، وفاق ايڪسپورٽ تان پابندي هٽائي ۽ امپورٽ تي لڳائي.پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ زراعت واري وزير محمد اسماعيل راهووڌيڪ چيو ته وفاق بصرن جي درآمد تي عارضي پابندي لڳائي، سنڌ ۾ 56 ھزار هيڪٽرز تي بصر پوکيا ويا، سنڌ ۾ هن سال 7 لک 60 هزار ٽن بصرن جي پيداوار جو امڪان آهي. هن چيو ته سنڌ جي کپت 5 لک 63 هزار ٽن آهي ۽ کپت کان هڪ لک 97 هزار ٽن بصر وڌيڪ پيداوار ٿيندي.  سڄي ملڪ ۾  ھڪ لک 51 ھزار 636 ھيڪٽرز تي بصرن جو فصل لڳل آھي، ھلندڙ سيزن ۾ ملڪ ۾ 21 لک 12894 ٽن پيداوار جي اميد آھي، هن چيو ته  بني گالا وارن جي غلط پاليسين سبب ملڪ جي زرعي معيشت کي وڏونقصان پهچي پيو، وفاق ڏينهون ڏينهن ابتا  ڪم پيو ڪري،جڏهن ايڪسپورٽ ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي ته امپورٽ ڪندو آهي،نيازي سرڪار ايران ۽ افغانستان مان بصر گهرائي پيو باقي ايڪسپورٽ تان پابندي نه پيو هٽائي. هن  چيو ته بصرن جي امپورٽ سان سنڌ جي آبادگارن کي وڏو نقصان پهچي رهيو آهي، پٽاٽوايڪسپورٽ ٿئي پيو ته پوءِ بصرن تي پابندي ڇو؟. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.