مهانگائي بي قابو، پٽاٽا ۽ بيضا 180 کان وڌي ويا

ڪراچي ( م ڊ ) ملڪ ۾ مهانگائي تي ضابطو ناهي  اچي سگهيو، کنڊ ۽ اٽي کانپوءِ سبزين جا اگهه به چوٽ چڙهي ويا آهن. شماريات کاتي جي رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران بصر في ڪلو تي 5 کان 6 رپيا وڌيا، جڏهن ته پٽاٽا به في ڪلو 100 رپين کان وڌي ويا آهن، راولپنڊي، اسلام آباد، بهاولپور ۾پٽاٽا 100 رپيا ۽ ڪراچي ۾ 120 رپيا ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهيا آهن. هڪ هفتي دوران آنن جو في درجن 175 رپين تائين پهچي ويو آهي، ڪجهه علائقن ۾ في درجن 185 رپين ۾ ملي ٿو. شماريات کاتي جي رپورٽ موجب ملڪ ۾ زنده مرغي جي في ڪلو قيمت 243 رپيا 87 پئسا في ڪلو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.