ڀرچونڊي شريف واسڻ  ناري پاران  مڙس جي ظلمن خلاف وارثن سان  گڏ احتجاج

ڀرچونڊي شريف جي جنگ ڪالوني واسڻ شڀيتا اوڏ پاران  پنهنجي مڙس دليپ عرف ٽوني  جي ظلمن خلاف وارثن سان گڏجي احتجاج ڪيو ويو ، ان موقعي تي ڳالهائيندي متاثر ناري شڀيتا اوڏ  جو چوڻ هو ته خيرپور واسي سندس مڙس ٽوني پ پ ايم اين اي نفيسا شاهه جو نالو استعمال ڪري غير قانوني ۽ ناجائز ڪم  به ڪندو آهي ۽ هو پنهنجن مائٽن سان گڏجي هن  تي تشدد ڪندو آهي ، سندس چوڻ هو ته سندس مڙس  هڪ ڀيرو  کيس مارڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي،  هنن نفيسا شاھ،  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ، ڊي آءِ  جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته سندس مڙس دليپ عرف ٽوني جي ظلمن جو نوٽيس وٺي قانوني ڪارروائي ڪري کيس تحفظ ڏنو وڃي

رپورٽ-گلزار شر

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.