ڪراچي ۾ عام جاين تي ڪچرو ڦٽو ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٻن مهينن جي لاءِ اڻ لاڳاپيل جاءِ تي ڪچرو ڦٽو ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

ڪمشنر ڪراچي افتخار شالواڻي موجب شهر ۾ ٻن مهينن جي لاءِ اڻ لاڳاپيل جاءِ تي ڪچرو ڦٽو ڪرڻ تي قلم 144 لاڳو ڪندي پابندي هنئي وئي آهي.

ڪمشنر ڪراچي هدايت ڪئي آهي جيڪو به شهري اڻ لاڳاپيل جاءِ تي ڪچرو ڦٽو ڪري ان جي خلاف ڪارروائي ڪيو ۽ قلم 144 جي شق تحت گرفتار ڪيو وڃي.

ڪمشنر ڪراچي جو چوڻ هو ته اڻ لاڳاپيل جاين تي گند ڦٽو ڪرڻ سان شهر جو ماحول خراب ٿي رهيو آهي، سيوريج جو نظام خراب ۽ ٽريفڪ جام به روڊن ۽ نالن واري پاسي ڪچرو ڦٽو ڪرڻ جي ڪري ٿيندي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.