وارھ ڀرسان 18 ڏينهن اڳ پوليس هٿان مبينا کنڀي گم ڪيلن جي بازيابي لاءِ مظاهرو

وارھ ڀرسان ڳوٺ پٺاڻ خان بلاڻي مان 18 ڏينهن اڳ پوليس هٿان مبينا کنڀي گم ڪيل  ڳوٺ جي نيڪ مرد پٺاڻ بلاڻي عورت زاهده چانڊيو سميت ڇهن ڄڻن جو پتو نه پيو ، وارثن ، ڳوٺاڻن ۽ علائقي جي معززن سعيد چانڊيو، ثناءُ الله، اسدالله ، ڪامريڊغلام مصطفيٰ چانڊيو  ۽ ٻين وارھ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽  پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي . ان موقعي تي ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته   17 ڏينهن  اڳ دادو پوليس رئيس پٺاڻ خان بلاڻي کي کنڀي گم ڪيو  هو،  ساڳي رات قمبر شهدادڪوٽ جي ايس ايس پي جي اڳواڻي ۾ مختلف ضلعن جي پوليس رات جو هڪ وڳي گهرن تي چڙهائي ڪري چادر چوديواري جو تقدس پامال ڪري ثناء الله بلاڻي،  مسمات زاهده بلاڻي سميت ڇهن ڄڻن کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته کين  خدشو آهي ته ڪٿي پوليس انهن جي پيارن کي ڪوڙو ڪيس ڄاڻائي فل فرائي نه ڪري ڇڏي ،هنن اعليٰ  اختيارين کان مطالبو ڪيو ته  گرفتار ڪري گم  ڪيل ماڻهن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي،

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.