عادلپور : رولو ڪتن جو آزار نه گهٽيو، ڪتن وڌيڪ 3 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو

عادلپور ۾ رولو ڪتن جو آزار گهٽجي نه سگهيو، ڪتن وڌيڪ ٽن ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو زخمين ۾ عادلپور شھر جو سليم الله ڌاريجو ، يوسي رڪ فارم جو رھواسي فرحان ۽ شاھد شامل آهن ، ان حوالي سان عادلپور پوليس جو چوڻ هو ته ڪتي جي چڪڻ سبب زخمي ٿيل ٽن ڄڻن جي عادلپور ٿاڻي تي سرڪار پاران اي ايس آء عبدالحميد شاھاڻي جي فرياد تي ايف آء آر داخل ڪئي وئي آھي جڏھن ته عادلپور پوليس ڪاروائي ڪندي ٽائون آفيسر عادلپور يونس چني کي گرفتار ڪري ورتو آهي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.