اوٻاوڙو : نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ امڙ ۽ ڀيڻ جو نيشنل پريس ڪلب آڏو احتجاج

اوٻاوڙو ڪمون  شهيد جي ڳوٺ جندو چاچڙ جي رهواسي نوجوان راشد چاچڙ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سندس والده ۽ ڀينرن پاران نيشنل پريس ڪلب اوٻاوڙو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، هڪ ميهنو اڳ ڪمون شهيد جي ڳوٺ جندو چاچڙ جي نوجوان راشد  کي قتل ڪيو ويو  جنهن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سندس والده صحت خاتون ، ڀيڻ رشيدان، جنت خاتون احتجاج ڪندي چيو ته  هڪ ميهنو گذرڻ باوجود نوجوان جا قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن جڏهن ته قتل ۾ ملوث جوابدار کين ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن  جن کان انهن  کي جان جو خطرو آهي،  هنن مطالبو ڪيو ته  قتل ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار  ڪري انهن سان  انصاف ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.