نوابشاهه: سنڌ ۾ ٻارن جي حقن جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي: چائلڊ ڪلبس اڳواڻ

نوابشاهه هاري ويلفئير ايسوسي ايشن ۽  چائلڊ ڪلبس نوابشاهه پاران ٻارن جي عالمي ڏينهن تي انهن کي حق نه ملڻ  مٿن تشدد ، اغوا توڙي قتل جي واقعن خلاف اڳواڻن  مطهر علي، ملائڪا۽ اڪرم خاصخيلي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۾ اڄ به ٻار پنهنجي حقن کان محروم آهن، سنڌ ۾ ٻارن جي حقن جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، سنڌ ۾ ٻارن جو بنيادي ۽ آئيني تعليم جو حق پڻ نٿو ڏنو وڃي، هنن چيو ته سنڌ ۾ 64 لک ٻار تعليم کان محروم آهن جن مان 33 لک نياڻيون شامل آهن ،جنهن جي ذميوار سنڌ حڪومت آهي، هنن چيو ته سنڌ ۾ ٻارن سان ٿيندڙ ذياتين جي صورتحال پڻ جوڳي آهي، هنن وڌيڪ چيو ته ٻارن جي حفاظت لاءِ ٺاهيل چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ اڃان تائين فعال نه ٿي سگهيا آهن، سنڌ ۾ لکين ٻار جبري پورهئو ڪن ٿا جنهن جي روڪ ٿام لاءِ حڪومت ڪي به قدم نٿي کڻي ،هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ تعليم جي بهتري لاءِ قدم کڻي لکين ٻارن جو مستقبل بچايو وڃي ۽ ٻارڙن بابت ٺاهيل قانون تي عمل ڪري ٿيندڙ نا انصافين جو خاتمو آندو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.