سجاول :جبري پورھئي لاءِ وڪرو ٿيل 2 معصوم ٻارڙا بازياب،2 جوابدار سوگها

سجاول پوليس جبري پورھئي لاء وڪرو ٿيل ٻن معصوم ٻارڙن کي آزاد ڪرائي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو،پوليس ڪراچي واسڻ مسمات مريم جي فرياد تي سجاول ڀرسان ٻيلي جي ڪچي واري علائقي۾ ڇاپو ھڻي زمين تي پورھيو ڪندڙ ٻن جاڙن ٻارن 7 ورهين جي عبدالله ۽ ايمن کي ھٿ ڪري ورتو ، ان سلسلي ۾ معصوم ٻارڙن جي ماء مسمات مريم ايس ايس پي سجاول وٽ شڪايت ڪندي چيو  ته ست مهينا اڳ مڙس طارق شعيب کيس طلاق ڏئي زبردستي ٻارڙا کڻي جبري پورھئي لاء وڪرو ڪيا هئا،ٻارڙن جي بازيابي ۽ جوابدارن جي گرفتاري تي ٻارڙن جي والده سجاول پوليس جا ٿورا مڃيا .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.