”اڏاوتي ڪم ۾ تيزي سان معيشت بهتر ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اڏاوتي ڪم ۾ تيزي سان ملڪي معيشت بهتر ٿيندي ۽ ماڻهن کي روزگار جا موقعا ميسر ٿيندا.

وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ هائوسنگ بابت قومي رابطا ڪميٽي ۽ اڏاوت ۽ ڊيولپمنٽ جو هفتيوار اجلاس ٿيو. اسٽيٽ بينڪ جي گورنر اجلاس کي آگاهه ڪيو ته عوام جي آساني لاءِ سڄي ملڪ جي سمورن ضلعن ۾ موجود بينڪن جي 50 سيڪڙو برانچن ۾ اڏاوت لاءِ قرض جي فراهمي لاءِ خاص ڊيسڪون قائم ڪيون وينديون. بينڪ الحبيب طرفان ان اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته اڏاوتي شعبي جي لاءِ هن وقت تائين 6 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي آهي.

چيف سيڪريٽري پنجاب اجلاس کي ٻڌايو ته سڄي صوبي مان 44 ملين مربع فٽ تي اڏاوتي ڪم لاءِ درخواستون ملي چڪيون آهن جنهن سان 20 ملين مربع فٽ تي اڏاوت لاءِ منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته اڏاوت سان سلهاڙيل سمورن صنعتن (سيمنٽ، بلاڪن ۽ سريي) جي کپت ۾ واڌ ٿي آهي.

بعد ۾ وزير اعظم نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جي حوالي سان آگاهي اجاگر ڪرڻ تي به زور ڏيندي چيو ته اڏاوتي ڪم ۾ تيزي سان ملڪي معيشت بهتر ٿيندي ۽ ماڻهن کي روزگار جا موقعا ميسر ٿيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.