نيب چيئرمين جي آفيسرن کي خاص ثبوت سان گڏ عدالتن ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو(نيب) ۾ قانوني صلاحڪار ۽ اسپيشل پراسيڪيوٽر شامل ڪري پراسيڪيوشن ڊويزن جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي.

ان بابت پنهنجي بيان ۾ جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال جو چوڻ هو ته پراسيڪيوشن ڊويزن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ کان پوءِ قانوني صلاحڪار ۽ اسپيشل پراسيڪيوٽرز شامل ڪري پراسيڪيوشن ڊويزن جي نئين سر جوڙجڪ جي هدايت جاري ڪئي آهي.

نيب چيئرمين چيو ته نيب احتساب سڀني جي لاءِ واري پاليسي تحت بدعنواني جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.

ان موقعي تي نيب چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال طرفان هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته نيب آفيسر خاص ثبوتن تي تياري سان گڏ احتساب عدالتن ۾ ڪيس جي پيروي ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.