” لاهور جلسو روڪيو ويو ته سڄي لاهور ۾ جلسا ٿيندا“

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت لاهور جو جلسو روڪيو ته سڄي لاهور ۾ جلسا ٿيندا.

ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته پي ڊي ايم 22 نومبر تي پشاور ۾، 30 نومبر تي ملتان ۾ ۽ 13 ڊسمبر تي لاهور ۾ جلسو ڪندي.

مسلم ليگ ن پنجاب چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت لاهور جو جلسو روڪيو ته سڄي لاهور ۾ جلسو ٿيندو ۽ جيڪڏهن ڪجهه ٿيو ته ان جي ذميواري حڪومت تي هوندي.

هڪ سوال جي جواب ۾ راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جلسو ڪرڻ کان منع ناهي ڪيو پر احتياط ڪرڻ جو چيو آهي.

ٻئي پاسي پيپلز پارٽي پنجاب به جلسن جلوسن تي پابندي رد ڪري ڇڏي آهي.

پيپلز پارٽي پنجاب جو صدر چوڌري منظور وٽو چوي ٿو ته حڪومت خلاف تحريڪ نه بيهندي، لاهور جلسو ضرور ٿيندو، ڪارڪنن کي متحرڪ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.