اسد عمر جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کان پارليماني ڪورونا ڪميٽي اجلاس گهرائڻ جي درخواست

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اين سي او سي جي سربراهه ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کان پارليامان جي ڪورونا ڪميٽي جو اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.

وفاقي وزير اسد عمر موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان پارليامان جي ڪورونا ڪميٽي جو اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪئي آهي پر پي ڊي ايم واضح ڪيو آهي ته هو اسپيڪر جي اجلاس ۾ نه ويندا.

ٻئي پاسي پيپلز پارٽي پنجاب جي اڳواڻ چوڌري منظور جي صدارت هيٺ پارٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اڳواڻڻ پي ڊي ايم جلسن ۾ ڀرپور شرڪت جو اعلان ڪيو.

پي ڊي ايم ترجمان ميان افتخار حسين جو چوڻ هو ته اسپيڪر اسيمبلي جي اجلاس ۾ نه ويندو، پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ به حڪومت کي جلسو روڪڻ کان خبردار ڪري چڪي آهي.

پي ڊي ايم جو چوڻ آهي ته ڪورونا جي آڙ ۾ حڪومتي پابنديون قبول نه ڪيون وينديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.