تلھار : چوٿين ڏينھن به گئس جي لوڊ شيڊنگ ۽ گھٽ پريشر خلاف شھرين جو احتجاج

تلھار ۾ چوٿين ڏينھن به گئس جي لوڊ شيڊنگ ۽ گھٽ پريشر خلاف شھرين پاران بک ھڙتالي ڪئمپ لڳائي وئي،بک ھڙتالي ڪئمپ تي پ پ تعلقي جي صدر نياز محمد لاشاري، ضلعي نائب صدر پير محفوظ شاھ قادري، غلام حيدر جتوئي،امير حيدر خواجه ۽ ٻين بک هڙتال ۾ شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ٽن مھينن کان گئس جي بدترين لوڊ شيڊنگ ۽ گھٽ پريشر سبب شهري سخت پريشانين کي منھن ڏئي رهيا آهن ،  اڳواڻن جو چوڻ هو ته معصوم ٻارڙا  بکئي  پيٽ پڙھڻ لا۽ وڃڻ تي مجبور آهن ، هنن چيو ته چئن ڏينهن هنن جو احتجاج جاري آھي پر سوئي سدرن گئس عملدارن ڪوئي نوٽيس ناھي ورتو ، هنن چيو ته فوري طور تي نوٽيس وٺي مسئلو حل ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.