ٽنڊو محمد خان :خوراڪ کاتي پاران عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ بچت بازار قائم

ٽنڊو محمد خان جي خوراڪ کاتي پاران عوام کي رليف ڏيڻ لاء  شهر جي چاندني چوڪ  تي هڪ ڏينهن جي بچت بازار قائم ڪئي ويئي ، جنهن جو افتتاح ڊپٽي ڪمشنر ٽنڊو محمد خان ياسر ڀٽي ، خوراڪ کاتي جي عملدار سيد مهتاب گل شاھ ۽ ٻين گڏجي ڪيو  ،  بچت بازار ۾ اٽي ، کنڊ ، گيھ ه، فروٽ ۽ سبزين تي  10 کان 20 سيڪڙو تائين سستيون شيون رکيون ويون آهن  ، اٽي جو 10 ڪلي وارو ٿيلهو 450 روپين ۾ وڪرو ڪيو ويو ، جڏهن ته کنڊ ، گيھ ۽ سبزيون پڻ رعايتي اگھن تي وڪرو ڪيون ويون ، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ياسر ڀٽي چيو ته انهن  جي ڪوشش آهي ته ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان عوام کي رليف ڏيون ، ان موقعي تي بچت بازار ۾ تعاون ڪندڙ تاجران فيڊريشن جي صدر حاجي شبير ميمڻ چيو ته ضلعي انتظاميه جڏهن به تعاون گهريو آهي انهن  ڀرپور سهڪار ڪيو آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.