داد لغاري: ايس ٽي پي جي سڏ تي الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي مظاھرو

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي  ايس ٽي پي اڳواڻ جي قتل خلاف داد  لغاري ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ٻئين ڏينهن به سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻن شاھنواز پتافي,محمود گبول,شاھ زمان پتافي,اياز پتافي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ،  ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي عاشقن ۽ سنڌ مٿان سر قربان ڪندڙ ارڏن جوانن جو قتل نهايت افسوس جوڳو عمل آهي، ان موقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻن ڪامريڊ شاھنواز پتافي,محمود گبول,مسافر پتافي ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته  الطاف جسڪاڻي جي قاتلن کي فوري گرفتار ڪري  سزا ڏني وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.