ڪوٽڙي مان امن جو پکي اڏامي ويو ، ڦرون ،چوريون ۽ منشيات جو وڪرو عام ٿي ويو

ڪوٽڙي مان  امن  جو پکي اڏامي ويو ، شهر ۾ موٽر سائيڪلون۔ موبائيل فونو ڦرون ۽  چوري ٿيڻ سميت ٻين ڏوهن ۾ اضافو ٿي ويو جنهن سبب شهري غير محفوظ ٿي ويا ، پوليس پنهنجي روايتي سستي برقرار رکندي رپورٽون ته داخل ڪري ٿي پر ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ م مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آھي , هڪ پاسي ڏوهن م اضافو ٿي ويو آھي ته وري ٻئي پاسي منشيات جو وڪرو به عام ٿي ويو آھي ۽ سائيٽ وارو علائقو منشيات جو مرڪز بڻجي ويو آھي، رهواسين پاران ڏوهن ۽ منشيات جي وڪري تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي

ڪوٽڙي شهر توڙي سائيٽ مان گزريل 15 ڏينهن اندر 20 موٽرسائيڪلون 30 موبائيل  فون ڦر ۽ چوري ٿي چڪيون آهن  جن جون رپورٽون داخل ٿيڻ باوجود ڪارروائيون نه پيون ٿين .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.