آزاد ڪشمير حڪومت جو ايل او سي شهيدن جي وارثن لاءِ ريليف پيڪيج جو اعلان

مظفر آباد(ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي حڪومت شهيدن جي خاندانن لاءِ ريليف پيڪيج جو اعلان ڪيو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) تي ڀارتي جارحيت کان متاثر ماڻهن کي ريليف پيڪيج ڏنو ويندو ۽ شهيدن جي وارثن کي 3 هزار رپيا في ڪس ماهوار ملندا.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته شهيد جون بيواهون ٻيهر نڪاح تائين مراعتون وٺي سگهنديون جڏهن ته نابالغ ٻار 25 سالن جي عمر تائين شهادت اعزازيو حاص ڪري سگهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.