مولانا خادم حسين رضوي جي جنازي نماز سڀاڻي مينار پاڪستان گرائونڊ ۾ ادا ڪئي ويندي

لاهور(ويب ڊيسڪ) مولانا خادم حسين رضوي جي خانداني ذريعن جو چوڻ آهي ته مرحوم جي جنازي نماز سڀاڻي مينار پاڪستان گرائونڊ ۾ ادا ڪئي ويندي.

خانداني ذريعن موجب گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه مولانا خادم حسين رضوي جي جنازي نماز سڀاڻي صبح 11 وڳي مينار پاڪستان گرائونڊ ۾ ادا ڪئي ويندي.

هوڏانهن سياسي ليڊرن، سماجي شخصيتن سميت زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن طرفان مولانا خادم حسين رضوي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.