ملڪ ۾ سون جا اگهه وڌي ويا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عالمي ۽ مقامي مارڪيٽ ۾ سون جا اگهه وڌي ويا.

عالمي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس 24 قيراط سون جي قيمت 7 ڊالر کان وڌي 1866 ڊالر تي پهچڻ جي ڪري مقامي مارڪيٽن ۾ به اڄ في تولي ۽ في 10 گرام سون جي اگهن ۾ ترتيبوار 500 رپيا ۽ 428 رپيا واڌ ٿي وئي.

اگهن ۾ واڌ جي نتيجي ۾ ڪراچي، حيدر آباد، سکر، ملتان، لاهور، فيصل آباد، اسلام آباد، راولپنڊي ۽ ڪوئيٽا جي مارڪيٽن ۾ في تولي سون جو اگهه وڌي 113200 رپيا ۽ في 10 گرام سون جو اگهه وڌي 97050 رپيا ٿي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.