مورو: دادو جي صحافي تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف قلم ڌڻين جو احتجاجي مظاھرو

دادو جي صحافي تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف موري ۾ قلم ڌڻين ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، سينيئر صحافي خليل احمد  قريشي تي دادو ۾ ڪيس داخل ٿيڻ خلاف موري جي صحافين ۽ سياسي سماجي ڌرين طرفان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ، ان  موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي،جئي سنڌ قومي محاذ اڳواڻ شاھنواز سنڌي، ايس يو پي جي اسلم ڪورينچو، جئي سنڌ محاذ جي اياز لنجار،صحافين اڪبر ڪلھوڙو،امين چوھاڻ،ماجد سھتو، ۽ ٻين چيو ته دادو جي سينيئر صحافي جو ڏوھ اھو آھي ته ھن  اخبار۾ ھرڻ جي  مارڻ جي خبر شايع ڪئي جنهن  تان علائقي جو ايم اين اي ۽ ٻيا مٿس ڏمرجي  پيا ۽ دادو ٿاڻي تي ڪوڙي ايف آر داخل ڪرائي،  هنن سنڌ حڪومت،آءِ جي سنڌ،ڊي آءِ جي حيدرآباد،  ايس ايس دادو  ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته  صحافي مٿان داخل  ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو وڌايو ويندو،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.