ڄامشورو: 4مهينا اڳ کنڀي گم ڪيل نوجوان منصور جويو جي آزادي لاءِ ريلي

ڄامشورو ۾ چار مهينا اڳ کنڀي گم ڪيل نوجوان منصور جويو جي آزادي لاء احتجاجي ريلي  ڪڍي وئي، منصور جويو جي والد امير بخش جويو , ڀائرن محمد صديق جويو , ولي محمد جويو , سڄاڻ ڌرين ظهير ڪانڌڙو , ڊاڪٽر سرمد سهارڻ , اڪرم ملاح , ديدار ڀلائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو  , احتجاج ۾ شامل اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته منصور جويو پڙهيل لکيل ۽ باشعور شهري آهي جيڪو روزگار ڪري پنهنجي زندنگي بهتر نموني گذاري رهيو هيو جنهن کي چار مهينا اڳ بنا ڪنهن سبب جي  کنڀي گم ڪيو ويو آهي ،

هنن چيف جسٽس آف سپريم ڪورٽ ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته منصور جويو کي فوري آزاد ڪرائي بي چيني ختم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.