ڪشمور: ايس ٽي پي اڳواڻ جي قتل خلاف ڪارڪنن پاران احتجاجي مظاهرو

ڪشمور ۾ ايس ٽي پي جي وائيس چيئرمين الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪارڪنن  پاران رفيق احمد چنا جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي ايس ٽي پي ڪارڪنن راڻو خان چاچڙ، سھڻو چاچڙ، احمد علي کوسو، شھري ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين راڻا غفار علي، وزير احمد چنا ۽ ٻين سخت نعريبازي ڪندي الطاف جسڪاڻي جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو  ڪيو ، هنن  سنڌ سرڪار، آئي جي سنڌ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان پرزور مطالبو ڪيو ته  ايس ٽي پي اڳواڻ جا قاتل جلد گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.